حيدرآباد ۾ جبري گمشدگين خلاف احتجاج جاري

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ سڀا پريس ترجمان نعيم سنڌو جي جاري ڪيل پڌرائي موجب جبري گمشدگين خلاف ۽ سنڌ سڀا جي گرفتار ڪيل اڳواڻن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا جو حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان نعيم سنڌو، عذرا کوکر، حسين ڏاهري جي اڳواڻي ۾ لڳاتار ڌرڻو جاري آهي،مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويٺل حسين ڏاهري، هوشو سنڌي ۽ سجاد ٻرڙي جي بک هڙتال هلندڙ آهي، شام واري احتجاجي مظاهري دوران 13 ڏينهن کان بک هڙتال ڪندڙ هوشو سنڌي ڪمزوري سبب ڪري بيهوش ٿي ويو، هوشو سنڌي جي طبعيت مسلسل خراب ٿيڻ لڳي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.