براڊ شيٽ ۾ اربين رپين جو فراڊ ڪيو ويو، حساب ورتو ويندو: مانڊوي والا

اسلام آباد ( م ڊ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته براڊ شيٽ معاملي تي قوم سان اربين روپين جي فراڊ جو مڪمل حساب ورتو ويندو. تفصيل موجب ڊپٽي چيئرمين سليممانڊوي والا نيب چيئرمين جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هنن جي ڳالهين ۾ سچائي هجي ها ته اڄ تائين نيب ڪابه هڪ ريڪوري ته ڪري ها. سليم مانڊوي والا چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته نيب چيئرمين چيمبرز جي دوري ۽ ڪاروباري طبقي جا مسئلا ٻڌي رهيو آهي.نيب چيئرمين کي ڪاررواين کان تنگ ٿي  ڪاروبار بند ڪندڙن جي لسٽ اماڻي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.