روز ويلٽ هوٽل نقصان سبب بند ڪرڻي پئي: غلام سرور خان

اسلام آباد(م ڊ) ايوي ايشن واري وفاقي وزير غلام سرور خان واضح ڪيو ته حڪومت روز ويلٽ کي خانگائڻ نٿي چاهي پر خساري جي ڪري 18 ڊسمبر تي هوٽل کي بند ڪيو ويو. سينيٽ ۾ جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق طرفان نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي هوٽل بابت کنيل سوال تي وفاقي وزير غلام سرور خان لکت واري جواب ۾ چيو ته حڪومت روز ويلٽ هوٽل بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو  آهي. سندس چوڻ هو ته روز ويلٽ هوٽل 18 ڊسمبر تي بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته هوٽل وڪرو نه پئي ڪئي وڃي. وفاقي وزير وضاحت ڪندي چيو ته آمريڪا ۾ ڪورونا جي ڪري ڪيتريون ئي هوٽلون بند ٿيون. حڪومت جو روز ويلٽ هوٽل کي خانگائڻ ۽ وڪري جو ڪو به ارادو ناهي پر خساري جي ڪري ان هوٽل کي بند ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سوالن جي سيشن ۾ چيو ته نيويارڪ جي سڀ کان خوبصورت جاءِ مين هٽن ۾ موجود هوٽل روز ويلٽ پي آءِ اي جو اثاثو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.