آرمي چيف ۽ نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير ۾ ملاقات جو انڪشاف

اسلام آباد( م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئيآچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾ ملاقات ٿي آهي. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته پنهنجن گهروارن سان گڏ اسلام آباد ڪلب وڃڻ ٿيو ته اتي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا موجود هو، پوءِ جيئن اسان جي روايت آهي ته خيرسگالي طور ملبو آهي ته ايئن آرمي چيف سان 10، 12 منٽن تائين انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ان وقت ڪلب ۾ ڏيڍ 2 سو ماڻهو موجود هئا، سڀني ڏٺو ته اسان جي ملاقات ٿي پر خبر ناهي ڇو پوءِ ڪنهن همراهه اهو هُلائي ڇڏيو ته آرمي چيف ملاقات کان منع ڪري ڇڏيو. حالانڪ اهڙي ڳالهه نه هئي، اسان جي نهايت سٺي ملاقات ٿي، هلڪي ڦلڪي گفتگو ٿي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.