سوشل ميڊيا ريگوليٽ ڪيس، قانون واري وزارت ۽ پي ٽي اي کي نوٽيس

اسلام آباد ( م ڊ ) سوشل ميڊيا جي قاعدن ۾ تبديلي  بابت ٻئي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  قانون جيوزارت ۽ پي ٽي اَي کي  نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ بابت قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف  درخواست جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل گذريل ڏينهن عدالت ۾ مناسب بيان ڏنو.چيف جسٽس مطابق اٽارني جنرل جي بيان مطابق  اسٽيڪ هولڊرز سان مشوري بعد  رولز تي نظرثاني ٿيندي.عدالت هن درخواست کي ان کان پهريان  داخل ڪيل درخواستن سان گڏجي  ٻڌڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ن ليگ جي ٻي اهم وڪيٽ ڪيرائي ڇڏي، سينيٽ ۾ اڪثريت ملندي: فردوس اعواڻ

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي پي ڊي ايم کي احساس ٿي ويو آهي ته جمهوري حڪومت جي خاتمي جو اصل طريقو بي اعتمادي آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي معاملي تي بلاول جي بيان کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ زرداري صاحب کي ڳالهائڻو پيو، پي ڊي ايم جي پارليامينٽ کان ٻاهر شوٽنگ هئي، جيڪا ختم ٿي چڪي، پي ڊي ايم نظرين جي نه موسميات جي سياست ڪري رهي آهي.هن چيو ته وسيم اڪرم پلس ن ليگ جي اهم وڪيٽ ڪيرائي آهي، هو اهو سلسلو جاري رکندو، کوکر ڀائرن خلاف آپريشن سبب مريم نواز صدمي ۾ آهي، تحريڪ انصاف ۾ جمهوريت آهي، تنهن ڪري سڀ هڪٻئي تي تنقيد جو حق رکن ٿا.

پاڪستان ايندڙ 5 سالن دوران 5 ارب ڊالر قرض وٺڻ جو خواهشمند

اسلام آباد (  م ڊ ) پاڪستان ايندڙ 5 سالن دوران نئين پارٽنرشپ اسٽريٽجي تحت ورلڊ بينڪ کان وڌيڪ 12 ارب ڊالر قرض وٺڻ جي خواهش رکي ٿو.اقتصادي معاملن بابت وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب مخدوم خسرو بختيار ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر  وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ايندڙ 5 سالن ڪاڻ پاڪستان ۾ ترقياتي اوليتن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزارت جي اعليٰ آفيسرن موجب ان مرحلي تي ورلڊ بينڪ پاران في الحال ڪو به يقين نه ڏياريو ويو، ذريعن موجب اميند آهي ته ورلڊ بينڪ جي پاڪستان سان صلاح مشورو ايندڙ مهينن تائين مڪمل ٿي ويندو ۽ ان جو بورڊ پنجن سال قرض منصوبي جي منظوري ڏئي سگهي ٿو.

مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ جي حوالي سان ڪيس 24 فيبروري تائين ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آدم شماري ۽ سنڌ ۾ جلد مڪاني کاتي جون چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪيس جي بڌڻي  24 فيبروري تائين ملتوي ڪري سي سي آءِ اجلاس جي نتيجن جي حوالي سان فيصلي جي رزلٽ جاري ڪرڻ جي  هدايت ڪري ڇڏي آهي،  عدالت ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته آدم شماري جي نتيجن جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي،.

ڪرپشن ڪيس ۾ منظور قناصري ۽ ٻين  جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سنڌ فيسٽول ۾ 2ارب رپين جي ڪرپشن جي حوالي سان نيب جي جاچ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  عدالت ڊي جي ڪلچر اينڊنوادرات سنڌ منظور قناصرو سميت 8 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري نيب کان 3مارچ تائين جوابدارن جي خلاف جاچ جي اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي آهي، نيب اختيارين عدالت کي جاچ کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جاچ جاري آهي انڪري وڌيڪ مهلت ڏني وڃي .

ڪراچي فيڊرل بي ايريا ۾ پارڪ جي زمين تي  قبضي خلاف جواب طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾ پارڪ جي زمين تي مبينا قبضي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ڪي ڊي اي کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي ،ايڊووڪيٽ عثمان فاروق پارڪ جي زمين تي قبضي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته پارڪ جي هڪ ايڪڙ فلاحي پلاٽ تي غيرقانوني طور اڏاوت ڪئي پئي وڃي، عدالت کي پارڪ جي زمين تي قبضو ختم ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

ڪمرشل عمارتن ۾ ايس بي سي اي کان اين اوسي لازمي وٺڻ گهرجي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻاهه جي لڳائڻ جي حوالي سان قانون ۽ واقعن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪمرشل عمارتن ۾ ايس بي سي اي کان اين اوسي لازمي وٺڻ گهرجي، عدالت ڊي جي ايس بي سي اي جي غيرحاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل کي نه بلڪ ڊي جي کي گهرايو هو ،وڪيل چيو ته هوڪابينا جي  اجلاس ۾ آهي مهلت ڏني وڃي  عدالت 12فيبروري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

دبئي ۾ اسرائيل جو قونصل خانو کلي ويو، ملائشيا ۾ به سفير مقرر

دبئي ( م ڊ ) دبئي ۾ اسرائيل جو قونصل خانو کلي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن ۾ 2 اسرائيلي مشن هونديون، جڏهن ته مراڪش ۾ به اسرائيلي سفير مقررڪيو ويو آهي. عملدارن موجب دبئي ۾ اسرائيلي قونصل خانو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيندو.

مريم نواز پارليامينٽ ۾ اچي سگهي ٿي، وزيراعظم ايوان ۾ ڪڏهن ايندو: مريم اورنگزيب

لاهور ( م ڊ )  مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت کي نوازشريف ۽ شهباز شريف جي منصوبن کي گروي رکڻ تي شرم اچڻ گهرجي، علي محمد خان مريم نواز جي پارليامينٽ وڃڻ تي اعتراض واريندڙ علي محمد خان ٻڌائي ته مريم نواز پارلياماني اجلاس ۾ ڇو نٿي شريڪ ٿي سگهي. جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس، اٽو چوري ۽ کنڊ چوري جي الزامن جو جواب ڪڏهن ڏنو ويندو، اسان اميد ڪري رهيا هئاسين ته علي محمد هائوس کي ٻڌائيندو ته عمران خان ايوان ۾ ڪڏهن واپس ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.