فيصل واوڊا نااهلي ڪيس، پ پ اڳواڻ پاران ڌر ٿيڻ لاءِ درخواست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ قادر خان مندو خيل وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، پ پ اڳواڻ طرفان فيصل واوڊا خلاف هلندڙ نااهلي ڪيس ۾ ڌُر بڻجڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ پ پ اڳواڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته عام چونڊن دوران جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ فيصل واوڊا ڪورو حلفي بيان جمع ڪرايو، فيصل واوڊا آمريڪي شهريت لڪائِي ۽ ڪوڙ ڳالهايو، فيصل واوڊا صادق ۽ امين ناهي رهيو، کيس آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.