استادن جي ڀرتين لاءِ ڪميٽي قائم، موبائل بينڪنگ ذريعي برسات متاثرن جي امداد جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ڪابينا موبائل بينڪننگ سسٽم ذريعي 2020 جي چوماسي برساتن  جي متاثرين کي 4.021 بلين رپين جي امدادي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ذريعي متاثرين پنهنجو اوريجنل قومي سڃاڻپ ڪارڊبينڪ کي ڏيکاري بينڪ اڪائونٽ کولڻ کانسواءِ روڪ رقم حاصل ڪري سگهن ٿا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير گذريل ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. زخمي ٿيندڙ 103 ماڻهن مان هر هڪ کي 25 هزار رپيا ڏنا ويندا، مڪمل طور تباه ٿيل پڪن گهراڻن کي 20 هزار ۽ ڪچن گهراڻن کي 10 هزار رپيا ڏنا ويندا ۽ معمولي نقصان ٿيندڙ گهراڻن کي 5 هزار رپيا ڏنا ويندا. چوپائي مال جي نقصان ٿيڻ تي 10 هزار رپيا ۽ ٻڪري/رڍ، گڏهه جي نقصان ٿيڻ تي 2 هزار رپيا ڏنا ويندا. اهڙي ريت ٽوٽل امدادي رقم 4.021 ارب رپيا ٺهندي آهي. ڪابينا ان تجويز جي منظوري ڏني ۽ بورڊ آف روينيو کي ايس پي پي آر اي جي قانون کان ڇوٽ ڏني وئي.اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو هڪ ٻي تجويز پيش ڪئي جنهن ۾ ڪابينا کي ضلعي ٿرپارڪر لاءِ حد دخلين جي خاتمي لاءِ پوليس اسٽيشن جي قيام جي منظوري جي درخواست ڪئي وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بجلي گهر لڳائڻ ۽ ڪوئلي جي کوٽائي جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ٿرپارڪر جي زمين جا اگهه وڌي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ حددخلين جا معاملا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. ڪابينا جي اجلاس ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي ٿرڊ پارٽي ذريعي تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي ڀرتي واري پاليسي پيش ڪئي. ڪابينا جي ڪجھه ميمبرن استادن جي مختلف سيٽن جهڙوڪ جي ايس ٽي، پي ايس ٽي، ايڇ ايس ٽي ۽ مضمون جي ماهرن تي اعتراض اٿاريا، ڪابينا ميمبرن جو خيال هو ته صرف ٻه ڪيٽيگريون هجڻ گهرجن، پرائمري ۽ سيڪنڊري جيئن ته حڪومت بهترين پگهارن جا پيڪيج ڏئي رهي آهي تنهن ڪري استادن يا اعليٰ تعليم ماڻيندڙ استادن کي رڳو ٻن عهدن جي آڇ سان گڏ مقرر ڪيو وڃي ۽ اعليٰ تعليم ۽ غير معمولي اهليت رکندڙ اميدوارن کي ترجيح ڏني ويندي. وڏي وزير ڪابينا جي منظوري سان ٻن اڳوڻن تعليم جي وزيرن نثار کهڙو ۽ سيد سردار شاهه ۽ وزير تعليم سعيد غني تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي ته جيئن اهي ڀرتي واري پاليسي تي نظرثاني ڪن ۽ 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪن. ياد رکڻ گهرجي ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ پرائمري استادن جون 30 هزار ۽ سيڪنڊري استادن جون 7 هزار سيٽون خالي آهن، ليبر کاتي مزدور جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ۽ سيلف ملازمت ڪندڙ ڪارڪنن کي سيسي ۾ ڪنٽري بيوٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ کين قابل بڻڻ لاءِ رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ سيسي ايڪٽ جي ٻن مختلف ايڪٽ ۾ ترميم پيش ڪيون. اي ايس آءِ جو عهدو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀريو ويندو آهي جڏهن ته فوتي ڪوٽي تحت انکي سڌي ريت ڀرڻو پوندو آهي تنهنڪري قاعدن ۾ هڪ شق پيدا ڪري سگهجي ٿي ته جيئن مقتول، شهيد ۽ غازي ڪوٽا جي درخواستن تي غور ڪيو وڃي. ڪابينا اي سي ايس گهرو کاتو عثمان چاچڙ، سيڪريٽري سروسز، سيڪريٽري قانون ۽ آءِ جي پوليس جي نمائندي تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي جيڪا قانون ۽ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي مختلف فيصلن جو جائزو وٺي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته زوهيب رحمان، جنيد رحمان ولد عبدالرحمان انصاري قيدي جو ڀاءُ جيڪو سينٽرل جيل ۾ قيد آهي. هاءِ ڪورٽ آڏو آئيني پٽيشن (سي پي) درج ڪرائي هئي جنهن ۾ سزا ماڻيندڙ قيدي جي حق ۾ ايجوڪيشن رعايت جي منظوري ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. قاعدن تحت هڪ سزا ملندڙ قيدي جيڪو بيان ڪيل ڪنهن به امتحان کي اڳ ۾ ئي پاس ڪري چڪو آهي، اهو تعليمي سال ۾ ڄاڻايل ڪنهن به امتحانن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو۽ پاس ڪرڻ تي هو رعايت جو حقدار هوندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته قيدي قرآن ناظرا پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪيو هو جنهن لاءِ هو ٽن مهينن جي معافي جو اهل آهي. هن سنڌي ادب پهرين ڊويزن ۾ بي ايس اي ڪراچي مان پاس ڪيو آهي جنهن سبب هو 10 مهينن جي معاف جو اهل آهي. هن سيڪنڊ ڊويزن ۾ بي آئي اي ڪراچي سان ايڇ ايس سي پاس ڪيو آهي جنهن سبب هوءَ ڇهه مهينن جي معافي جو اهل آهي. هن بي ايس اي ڪراچي مان اردو ادب جو امتحان پهرين پوزيشن مان پاس ڪيو آهي جنهن سبب هن کي 10 مهينن جي معافي جو اهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ هن ڪراچي يونيورسٽي مان بي ڪام امتحان جي پهرين پوزيشن لاءِ پڻ ڪواليفائي ڪيو آهي جنهن کانپوءِ هوءَ 10 مهينن جي رعايت جو اهل آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 تحت قيدين کي سزا ٻڌائي وئي هئي تنهن ڪري دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 ۾ ترميم جي تشريح سبب ان کي 2013 ۾ تعليمي معافي نه ملي سگهي. هن وڌيڪ استدعا ڪئي ته 2013 ۾ ترميم کي متعارف ڪرائڻ کان پهريان 2005 ۾ قيدي کي سزا ڏني وئي تنهن ڪري کيس تعليمي رعايت ڏني وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.