نوابشاهه ۾ نينگر سان بدفعلي، جوابدار گرفتار

نوابشاھ(ڊ ر) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ايسرپورھ واري علائقي ۾ مبينه طور تي پنجين ڪلاس جي شاگرد 12 ورھين جي نينگر محمد اڪبر کي جوابدار سلمان قريشي ورغلائي مينھن جي واڙي تي وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو جڏھن ته  نينگر جي حالت خراب  ھجڻ جي ڪري پي ايم يو اسپتال جي ٽراما سينٽر داخل ڪيو ويو آھي جتي نينگر جو علاج ھلندڙ آھي جڏھن ته پوليس ڇاپو ھڻي جوابدار سلمان قريشي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي، ھوڏانھن بدفعلي جو شڪار بڻيل نينگر جي وارثن چيو ته  جوابدار سلمان قريشي اسان جي نينگر کي ورغلائي مينھن جي واڙي تي وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻائي اسان سان ظلم ڪيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.