ڪوٽڙي:  موٽرسائيڪلن جا جعلي ڪاغذ ٺاهيندڙ گروھ جو سربراھ گرفتار،ڪاغذ هٿ

ڪوٽڙي پوليس موٽرسائيڪلن جا جعلي ڪاغذ ٺاھي چوري جون موٽرسائيڪلون وڪرو ڪندڙ گروھ جي سربراھ کي گرفتار ڪري ورتو،  پوليس پاران جوابدار وٽان موٽرسائيڪلن جا تيار ٿيل 12 ڪاغذ ، رجسٽريشن فارم، ٽي سيل ليٽر ۽ بلينڪ ٺپا ۽  ھڪ پسٽل ھٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي ،  ڪوٽڙي پوليس ٺٽو حيدرآباد روڊ تي چيڪنگ دوران ھڪ ڪار تي ڇاپو ھڻي چوري جي موٽرسائيڪلن جا ڪوڙا ڪاغذ ٺاھي وڪرو ڪندڙ گروھ جي سربراھ محراب علي عارباڻي کي گرفتار ڪري وٽانئس ڪاغذ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ، پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

رپورٽ- نويد راجپوت

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.