ڀرياروڊ ۾ اتحاد ويلفيئر ٽرسٽ  ۽ سيلاني ٽرسٽ  طرفان مفت اکين جي ڪئمپ

ڀرياروڊ ۾ سماجي تنظيم اتحاد ويلفيئر ٽرسٽ  جي چيئرمين محمد عامر آرائين ۽ سيلاني ٽرسٽ  طرفان مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي ۔اکين جي ڪيمپ ۾ پري پري کان غريب مسڪين ماڻهو علاج لاء پهتا اکين جي ماهر ڊاڪٽر ابرار تنيو پاران 150 کان مٿي مريضن جا فيڪو سرجري ذريعي آپريشن ڪيا ويا  ۽ سوين مريضن جي هيپاٽائٽس بي ۽  سي چيڪ ڪري انهن کي  اکين جا ڦڙا پڻ ڏنا ، ان سلسلي ۾  اڳواڻن چيوته اسان جي ملڪ ۾ غريب مسڪين مستحق ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آهي جيڪي معاشي ڪمزوري جي ڪري گهرن ۾ پيا آهن ۔ انهن جي مدد جي ضرورت آهي کين  انسانيت جي خدمت ڪري دلي روحاني سڪون ملي ٿو.

رپورٽ- مجيد ڪيريو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.