گهوٽڪي :نوجوان کي مبينا مقابلو ڄاڻائي مارڻ خلاف وارثن  پاران  لاش رکي ڌرڻو

گهوٽڪي لڳ پوليس پاران ڪجھ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان عبدالمالڪ ڀيري کي مبينا مقابلو ڄاڻائي مارڻ خلاف وارثن  پاران  نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو  هنيو ويو ،  ان موقعي تي عبدالمالڪ جي والد محمد ڀيري ۽ ٻين جو چوڻ هو  ته باگڙجي پوليس عبدالمالڪ کي عدالت ٻاهران کنڀي کڻي وئي هئي جنهن بعد ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪري انهن سان ظلم ڪيو آهي ،  مقتول جي ڀائرن محراب ۽ ممتاز ڀيري الزام هڻندي چيو  ته سکر پوليس جڙتو مقابلي ۾ انهن جي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي ,ان موقعي تي ڌرڻي دوران ڊي ايس پي گهوٽڪي عبدالقادر چاچڙ پهچي  ڀيري برادري جي ماڻهن کي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاء منٿون ڪندو رهيو نيٺ انصاف ملڻ جي خاطري تي ڀيري برادري پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو .

رپورٽ- آزاد مهر

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.