دوستي نه رکڻ تان نينگر قتل

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ دوستي نه رکڻ تان جوابدار 16 ورهين جي نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو.

16 ورهين جو گل رحمان 4 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، جنهن جي ايف آءِ آر شاهه پور ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي هئي پر گذريل رات نينگر جو مڙهه گهر ڀرسان ٻنيءَ مان هٿ آيو.

اهڙي واقعي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي مقتول نينگر جي ويجهي مائٽ شير اڪبر کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

ايس پي رورل سجاد خان موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، گرفتار جوابدار دوستي نه رکڻ تي نينگر کي قتل ڪري لاش ٻنيءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، مقتول نينگر رڪشو هلائي گهر وارن جو پيٽ پاليندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.