گوجرانوالا: ننڍي چونڊ کان اڳ پوليس آفيسرن جي بدلين تي اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس

 

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي تڪ پي پي 51 ۾ ننڍي چونڊ جي موقعي تي پوليس آفيسرن جي بدلي تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ڇڏيو.

وزيرآباد جي تڪ پي پي 51 ۾ ننڍي چونڊ 19 فيبروري تي ٿيندي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان سرڪاري آفيسرن جي بدلين تي پابندي باوجود ٻه ڏينهن اڳ گکڙ منڊي ٿاڻي ۾ مقرر ايس ايڇ او سميت چئن پوليس آفيسرن کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو هو.

گذريل رات آءِ جي پنجاب ايس پي صدر تصور اقبال کي تبديل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو هو پر اليڪشن ڪميشن تصور اقبال کي چارج ڇڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ڊي ايس پي وزيرآباد راڻا اسلام بابت چونڊ تي اثرانداز ٿيڻ جي دانهن تي کيس وارننگ جاري ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.