قمبر : ڊي آئي جي لاڙڪاڻي  ناصر آفتاب احمد پاران کليل ڪچهري ،شڪايتن  جا ڍير لڳي ويا

قمبر ۾ پهريون ڀيرو ڊي آئي جي لاڙڪاڻو  ناصر آفتاب احمد پوليس لائين ۾ کليل ڪچهري ڪئي جتي  ضلعي جي مختلف ننڍن وڏن شهرن مان آيل شهرين شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پوليس ۽ وڏيرن خلاف شڪايتن تي موقعي ايس ايڇ او وڳڻ،  ايس ايڇ او مهي مڪول کي سپينڊ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊي ايس پي ٽريفڪ قمبر کي شوڪاز ڏيڻ سان گڏ مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ،ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب احمد  واسطيدار پوليس عملدارن کي هدايت ڏيندي چيو ته  امن امان هر صورت ۾ قائم ڪيو وڃي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ويندي ،ان موقعي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنه ۽ سموري ضلعي جي ڊي ايس پيز ايس ايڇ اوز سميت مختلف آفسيرن شرڪت ڪئي

رپورٽ- محمود شيخ

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.