اوٻاوڙو ڀرسان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي ،وارثن جو احتجاج

اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ ذوالفقار کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۽ لٺيون لڳڻ سبب ٻه ڄڻا زبير ۽ ثناء الله کوسو سخت زخمي ٿي پيا، وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، زخمي ڌر پاران فهد علي کوسو ، مائي زاهده، مائي حسينا کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي  سندن چوڻ هو ته انهن جي نوجوانن کي مخالف ڌر جي هٿياربند عزيز کوسو، مير هزار کوسو ، ڪالو کوسو ۽ ٻين  اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران مزاحمت تي مخالفن  فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ انهن جا ٻه ڄڻا  سخت زخمي ٿي پيا جن کي  اوٻاوڙو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ،  هنن ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کي اپيل ڪئي  ته انهن جي نوجوانن کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري  ڪيس داخل ڪري انهن کي تحفظ ڏنو وڃي

رپورٽ- بشير احمد ملڪ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.