کينجھو :ريتي جي قديم ريلوي اسٽيشن بند، عوام پريشان ، ٻيهر بحال ڪرڻ جو مطالبو

انگريز سرڪار پاران قديمي شھر ريتي جي عوام کي ريل جي سفري  سھولت مھيا ڪرڻ لاء1935 ۾ ريلوي  اسٽيشن قائم ڪئي وئي هئي،   ريتي اسٽيشن سان گڏوگڏ ھڪ ايئرپورٽ به تيار ڪئي وئي  جنھن جي اٽڪل 140 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين موجود آهي جيڪا ايئرفورس پاران ھتان جي مقامي ماڻھن کي ليز تي ڏني وئي آهي،ايئرپورٽ ھجڻ ڪري ھن اسٽيشن کي انگريز سرڪار جي دور ۾ خاص اھميت مليل ھئي ، اسٽيشن تي عوام جي سھولت لاءِ تيز گام ،سپر ايڪسپريس،چناب،عوامي، تيزرو ،شاھين سميت ڪيترن ئي ٽرينن جا اسٽاپ ٿيندا ھئا ،مختلف عملو به ھتان تبديل ٿيندو ھو ،عوامي حڪومتن جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ آھستي آھستي ٽرينن جا اسٽاپ ختم ٿيندا ويا،  آخر ۾ صرف ھڪ لوڪل  ٽرين روھڙي ايڪسپريس جو اسٽاپ ڪيو ويو ڪجھ مھينن بعد روھڙي ٽرين کي بند ڪري ريتي اسٽيشن کي به  بند ڪيو ويو ، ھتان جي رهواسين  وفاقي حڪومت کان گھر ڪئي آهي ته  ريتي اسٽيشن کي بحال ڪري عوام جي پريشانين کي ختم ڪيو وڃي.

رپورٽ-عثمان پنھيار

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.