خواجا آصف جو جيل ۾ سهولتن جي لاءِ احتساب عدالت سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آمدن کان وڌي اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف جيل ۾ بي ڪلاس وٺڻ جي لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

خواجا آصف طرفان احتساب ۾ داخل درخواستون ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ويو آهي ته جيل ۾ گهر جو کاڌو، هيٽر ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

هن موقف اختيار ڪيو ته سينيٽر ۽ وزير رهيو آهيان ۽ هاڻ قومي اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبر آهيان، پنجاب جي شريف گهراڻي سان تعلق آهي ان ڪري عدالت سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

احتساب عدالت خواجا آصف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.

احتساب عدالت جي جج جواد الحسن خواجا آصف جي درخواست تي شروعاتي ٻڌڻي ڪندي ڪوٽ لکپت جيل جي سپرنٽنڊنٽ کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

ليگي اڳواڻ طرفان سندس وڪيل طاهر خليل سنڌو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.