ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سندري سني ليون چيو آهي ته مون وٽ رڳو خوبصورت چهرو نه پر ٽئلينٽ به آهي.
سني ليون جو شمار بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي، جنهن ريئلٽي شو بگ باس ذريعي انٽري ڏني هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي عوام جي پسنديده شخصيت بڻجي وئي.
هوءَ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاري چڪي آهي پر تازي جاري ڪيل ويڊيو ۾ سني ليون فٽبال کيڏندي نظر اچي رهي آهي.
View this post on Instagram
انسٽاگرام تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سني ليون فٽبال ۾ به مهارت رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ”رڳو خوبصورت چهرو نه پر مون وٽ صلاحيتون به آهن“.