موٽرولا ٻيهر مارڪيٽ ۾، 5000 ايم اي ايڇ بيٽري وارو فون متعارف

موٽرولا جو نئون فليگ شپ فون ايج ايس متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جي قيمت چيني ڪمپنين جي ڊيوائسز کان به گهٽ آهي.

هي فون سڀ کان پهرين چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي، جيڪو پهريون اهڙو فون آهي جنهن ۾ڪوالڪوم جو نئون اسنيپ ڊراگون 870 پراسيسر ڏنو ويو آهي.

هي 7 اين ايم، 8 ڪور پراسيسر آهي جنهن ۾ڪور ٽيڪس اي 78 ڪور اسمارٽ فون کي 3.2 گيگا هرٽرز تي ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.

موٽرولا ايج ايس ۾ 5 جي سپورٽ آهي جڏهن ته 6.7 انچن جو آءِ پي ايس ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ ايڇ ڊي آر 10 سپورٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي.

صارفن جي لاءِ 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشنز ڏنا ويا آهن.

ايج ايس ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 20 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

هي فون آءِ پي 52 سپليش پروف آهي، 3.5 ايم ايم هيڊ فون جيڪ ڏنو ويو آهي جڏهن ته فون جي باڪس ۾ چارجر، اسڪرين پروٽيڪٽر، ڪيبل ۽ ڪيس گڏ ڏنو ويو آهي.

اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم واري هن فون ۾ ڊوئل سم سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

فون ۾ گڏيل طور تي 6 ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، بيڪ تي 4 ۽ فرنٽ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل ڪيمرا ايف 1.7 آپرچر سان گڏ ڏنو ويو آهي جيڪو K6 ويڊيو 3 فريم في سيڪنڊ ۾ ريڪارڊ ڪري سگهجي ٿو.

ان کان هٽي 16 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا ۾ فيز ڊيٽيڪٽ آٽوفوڪس موجود آهي جڏهن ته 2 ميگا پڪسل فڪسڊ فوڪس ڊيپٿ سنسر ۽ هڪ تي او ايف سنسر ڏنو ويو آهي.

فون جي فرنٽ تي پنچ هول ڊيزائن ۾ 16 ميگا پڪسل مين ۽ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا موجود آهي.

هي فون اڄ (26 جنوري) کان چين ۾ پري آرڊر ۾ موجود آهي جيڪو صارفن کي 3 فيبروري تي ملندو.

ايج ايس جو 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 1999 چيني يوآن (49 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ)، 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ويزن 2399 يوآن (59 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو فون 2799 يوآن (69 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.