”ڪورونا پکيڙڻ کان سواءِ نيب تي هر قسم جو الزام لڳي چڪو آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته ڪا به بليڪ ميلنگ احتساب جي عمل ۾ رنڊڪ نٿي وجهي سگهي.

نيب چيئرمين جاويد اقبال اسلام آباد ۾ واپارين کي خطاب ڪندي چيو ته ڪا به بليڪ ميلنگ احتساب جي عمل ۾ رنڊڪ نٿي وجهي سگهي، پنهنجو ڪم وڏي اطمينان سان ڪري رهيا آهيون، نيب خلاف تواتر سان پروپيگنڊه جاري آهي، رڳو اِهو ئي چوڻ رهجي ويو آهي ته ڪورونا به نيب پکيڙيو، نيب جي خلاف پروپيگنڊه اُهي ئي ڪري رهيا آهن جن جي خلاف انڪوائري ٿي رهي آهي آئون ڪنهن کي ذاتي طور تي نٿو سڃاڻان ته ذاتي انتقام ڪنهن کان وٺان.

نيب چيئرمين چيو ته خراب پروپيگنڊه جي ڪري نيب ڪٽهڙي ۾ بيهي رهيو آهي، پر ڪا به ڌمڪي ۽ بليڪ ميلنگ رستي ۾ رنڊڪ نٿي بڻجي سگهي، جيڪڏهن نيب غلط ريفرنس داخل ڪيو آهي ته عدالت ۾ هليا وڃون، اُهي ماڻهو جن کي هٿ به نه پئي هڻي سگهيا انهن کي به نيب ۾ گهرايو، هڪ صوبي ۾ 10 کان 15 ارب رپين جي ڪڻڪ جي گهوٻي ڪئي وئي، ٻڌايو ويو ته 10 کان 15 ارب رپين جي ڪڻڪ ڪوئا کائي ويا.

نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته هڪ شخص هائوسنگ سوسائٽي جي نالي تي پيسا ورتا، اسان پڇيو ته چيو ويو ته اڃا خريدي ناهي، توهان خريدي ڏئي ڇڏيو، اڍائي هزار ماڻهن سان معاملو ٿيو ته پرائيويٽ ناهي رهندو، اصل بزنس مين ۽ ڌاڙيل ۾ فرق آهي، جيڪڏهن ڌاڙيل آهي ته نيب قانون جي موجب ڪيس ڏسندو آهي، اصل بزنس مين ڏانهن نيب اک کڻي به ناهي ڏسندو، اسان ڪنهن شڪ ۾ بي جا مداخلت ناهي ڪئي.

جاويد اقبال جو چوڻ هو ته ايف بي آر بابت ڪو به ڪيس نيب وٽ ناهي، نيب ڪنهن ڪيس ۾ رنڊڪ وڌي آهي ته فهرست ڏيو، واپارين جو ڪو به ڪيس نيب جي اختيارن واري دائري کان ٻاهر آهي ته اسان کي ٻڌايو، آفيس نڪرڻ کان اڳ  توهان جو ڪيس ٽرانسفر ڪيو ويندو، ڪنهن سيڙپڪار کان اڄ تائين اِهو ناهي پڇيو ته توهان سيڙپ ڪٿان آندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.