تحريڪ انصاف، جي يو آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ جمعيت علماءِ اسلام خلاف فارن فنڊنگ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ جي فرخ حبيب جي يو آءِ خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ جي يو آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ حافظ حسين احمد جي ٽي وي انٽرويو جو ٽرانسڪرپٽ شامل آهي.

فرخ حبيب جو چوڻ آهي ته حافظ حسين احمد، فضل الرحمان جي ليبيا ۽ عراق مان فنڊنگ وٺڻ جو اعتراف ڪيو، مولانا خان محمد شيراني کي گهرايو وڃي، مولانا فضل الرحمان جي پنهنجي ماڻهن راز فاش ڪري ڇڏيو آهي.

سندس موجب مولانا فضل الرحمان کي ٻڌائڻو پوندو ته کين فنڊنگ ڪٿان ٿي آهي، مولانا رسيدون اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي، اسان سمورا ثبوت جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.