پي ڊي ايم 5 فيبروري تي راولپنڊي جلسي جو هنڌ تبديل ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم 5 فيبروري جي جلسي جو هنڌ تبديل ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ شاهد خاقان عباسي، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جو 5 فيبروري جو جلسو راولپنڊي بدران مظفرآباد ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ جلسي جي هنڌ جي تبديلي جو فيصلو ن ليگ جي درخواست تي ڪيو ويو.

واضح رهي ته 11 جنوري تي ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته پي ڊي ايم جو راولپنڊي اچڻ جو ڪو ڪارڻ نظر نه پيو اچي پر اچڻ چاهين ٿا ته اچن اسان انهن جي سار سنڀال ڪنداسين، چانهه پاڻي پيئارينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.