ڪراچي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن 14 وڪيٽون ڪِري پيون، پاڪستان ڏکيائين جو شڪار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم 220 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان 27 رنسن تي 4 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون.

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي پئي وڃي، جتي مهمان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پروٽيز طرفان ايڊن مارڪرم ۽ ڊين ايلگر اننگز جي شروعات ڪئي ۽ 30 جي مجموعي اسڪور تي ايڊن مارڪرم 13 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.

ڏکڻ آفريقا کي ٻيو نقصان راسي وان ڊر ڊوسن جي صورت ۾ ٿيو، جيڪو 17 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، جڏهن ته فاف ڊوپليسي 23 ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

مهمان ٽيم جي پنجين وڪيٽ ڊين ايلگر جي صورت ۾ ڪِري، جنهن 58 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ٽيمبا باووما 17 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو.

ڏکڻ آفريقا جي جارج لنڊي 35 رنسون ٺاهيون، ڪگيسو ربادا 21 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، لنگي نگيڊي 8 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته ڪيشو مهاراج ۽ اينرچ نورجي کاتو ئي نه کوليو.

ڏکڻ آفريقي ٽيم 220 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان طرفان ياسر شاهه 2، ڊيبيوٽنٽ نعمان علي ۽ شاهين آفريدي 2-2، جڏهن ته حسن علي هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستاني ٽيم جي شروعات به سٺي نه رهي ۽ 15 جي مجموعي اسڪور تي ٻئي اوپنر پويلين موٽي ويا، جن ۾ ڊيبيو ڪندڙ عمران بٽ 9 ۽ عابد علي 4 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان کي سڀ کان وڏو ڌڪ بابر اعظم جي آئوٽ ٿيڻ تي لڳو، جيڪو رڳو 7 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، جڏهن ته شاهين آفريدي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو.

قومي ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 33 رنسون ٺاهيون ته راند جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي اظهر علي ۽ فواد عالم 5-5 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.

پاڪستان کي پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريقا جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 187 رنسن جي ضرورت آهي، جڏهن ته ان جون 6 وڪيٽون باقي آهن.

واضح رهي ته ڪراچي ٽيسٽ ۾ پاڪستان طرفان عمران بٽ ۽ نعمان علي ڊيبيو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.