بينظير جي مزار تي حاضري لاءِ آيل ڪوئيٽا واسي همراهه گم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار حاضري لاءِ آيل ڪوئيٽا شهر جي سرياب روڊ واري علائقي جو رهواسي چئن ٻارن جوپيءُ مبارڪ خان عرف بابل بنگلزئي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. ان حوالي سان گم ٿي ويل همراهه جي ڀاءُ عطاءَ الله بنگلزئي لاڙڪاڻي پهچي صحافين آڏو دانهيو ته منهنجو ڀاءُ مبارڪ خان عرف بابل بنگلزئي جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي جيڪو گذريل 3 جنوري تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀرڻ جي لاءِ ڪوئيٽا شهر جي سرياب روڊ گهر مان نڪري ويو جنهن کان بعد هو مسلسل رابطو ۾ هيو جڏهن ته گذريل 9 تاريخ تي سندس جي موبائيل فون ٿي وئي ان تي اسان سندس موبائيل نمبر ٽريس ڪرايو جنهن جو لوڪيشن رتوديرو ملي رهيو هو جنهن کان پوءِ ڀاءُ جو موبائيل نمبر مسلسل بند آهي .کيس لاڙڪاڻي شهر، نئون ديرو، ماهوٽا سميت ٻين علائقن ۾ ڳولا جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙو اطلاع ايس ايس پي آفيس وارن کي به ڏنو پر ان جي باوجود ڀاءُ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته ڀاءُ جي گم ٿيڻ کان پوءِ سندس گهر واري، ٻه پٽ، ٻه نياڻيون توڙي ٻيا گهر ڀاتي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. هن لاڙڪاڻو پوليس توڙي وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.