واپڊا کي امڪاني طور خانگائڻ خلاف ملازمن جا احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد(رپورٽر) آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو ورڪرزيونين پاران واپڊا سميت ٻين قومي ادارن کي خانگائڻ واري فيصلي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر،نوابشاهه، لاڙڪاڻي، ٿرپارڪر، ڄامشوري، دادو، سجاول، ٺٽي، مٽياري، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، نوشهرو فيروز، خيرپور، گهوٽڪي، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظآهرا ڪيا ويا. حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو ورڪرز يونين جي صدر ۽ پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سنڌ جي صدر عبداللطيف نظاماڻي، اقبال احمد خان، حنيف خان، غلام نبي کوسو، ملڪ سلطان، مناف نظاماڻي ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي اشاري تي هلندي واپڊا سميت قومي ادارن جي بندر بانٽ تي بضد آھي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت بجلي فراهم ڪندڙ يونٽن پيسڪو، پيپڪو، ڪيسڪو ۽ گڊو پاور هائوس جهڙن منافعو ڏيندڙ ادارن کي خانگائڻ چاهي ٿي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي سونامي اچي وئي آھي، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻھو خودڪشيون ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته واپڊا ۾ 40 هزار جايون خالي پيل آھن، جڏهن ته واپڊا جي نجڪاري ملڪ سان دشمني آهي. هنن چيو ته وفاقي سرڪار ملازمن جي پينشن ختم ڪرڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت واپڊا مان ملازمن جي اولاد لاءِ نوڪرين واري 20 سيڪڙو ڪوٽا کي ختم ڪري ملازمن جي اولاد کي نوڪرين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت بجلي فراهم ڪندڙ ادارن سميت اسٽيل مل، پي آءِ اي، ريلوي ۽ يوٽيلٽي ادارن کي به خانگائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته دنيا ۾ ڪٿي به يوٽيلٽي ادارن کي نجڪاري حوالي نه ڪيو ويو آهي. هنن وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن واپڊا سميت قومي ادارن کي خانگائڻ واري پاليسي تبديل نه ڪئي وئي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.