سکر ۾ڪارروائي، قيمتي ڪاٺ سان ڀريل ٽرالر هٿ

سکر(رپورٽر) وائلڊ لائيف کاتي سکر جي ٽيم صالح پٽ جي آر ڊي 86 واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري غيرقانوني طور تي ٿر جي کبڙ واري ڪاٺي ڪٽي کڻي ويندڙ ٽرالر کي روڪي ڪاٺ هٿ ڪرڻ بعد ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ وائلڊ لائيف کاتي سکر جي ڊپٽي ڪنزرويٽر عدنان حامد صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته ٿر ۾ قيمتي کبڙ جا وڻ وڍي کڻي ويندڙ خلاف ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري 12 ٽن کبڙ جي ڪاٺي سان ڀريل ٽرالر نمبر PLT694 کي پڪڙي ٻن جوابدار گل نصير ۽ سهيل کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.وائلڊ لائيف کاتي جي ڪامياب ڪاروائي انسپيڪٽر امام بخش سمون جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي.

لاڙڪاڻي ۾رولو ڪتن جو آزار، 6 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي سميت آسپاس جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن 6 ٻارن ۽ 3 عورتن سميت 14 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 3 سالن جو عيان علي پٽ عبدالمجيد کوکر، 4 سالن جي ندا بيبي ڌيءَ وزير علي ابڙو، 6 سالن جو معظم حسين پٽ محمد علي ڳچل، 6 سالن جو غلام شبير پٽ ضمير حسين آريجو، 8 سالن جو اسلم پٽ شهمير شاهه، 8 سالن جو حمزه پٽ عبيدالله بلوچ، 14 سالن جو دلبر پٽ سعدالله جتوئي، 20 سالن جو سعيد احمد پٽ وزير علي جتوئي، 27 سالن جو نور محمد پٽ مولابخش ڪلهوڙو، 28 سالن جي ريحانه خاتون ڌيءُ عصمت علي ٽڳڙ، 35 سالن جو منظور علي پٽ حضور بخش چاوڙو، 35 سالن جي نسيم خاتون ڌيءَ منور علي جوڻيجو، 50 سالن جو رستم شاهه پٽ حيدر شاهه ۽ 55 سالن جي عائشه ڌيءُ علي حسن جتوئي شامل آهن .جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو. سينٽر انتظاميه موجب رولو ڪتن جي ڏاڙهيل سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ علاج فراهم ڪري گهر روانو ڪيو ويو آهي.

دريا خان مري ويجهو ٻن ڌرين ۾جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري مراد شاھ بخاري عيد گاھ وٽ  خاصخيلي برادري جي 2 ڌرين م جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران  لٺيون لڳڻ سبب شوڪت خاصخيلي زخمي ٿي پيو زخمي کي علاج لاء دريا خان مري اسپتال منتقل ڪيو ويو  زخمي ٿيل نوجوان شوڪت خاصخيلي دانھيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ قاري محمد حسن موروجو وٽ قرآن شريف تي اسان جو فيصلو ٿيو ھيو ان جي باوجود اڄ منھنجو مامو  آفتاب خاصخيلي ۽ منھنجي ڀاء جاويد خاصخيلي بنا جواز مون کي لٺيون ھڻي ڪري وڌو آھي ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته تشدد ڪندڙن کي گرفتار ڪري مونکي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

ماٿيلي ۾وڌندڙ بدامني خلاف رهواسي سراپا احتجاج، ريلي

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ ) ضلعي گهوٽڪي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سماجي برائين خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽيطرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن پرويز بوزدار سعيد منگي نثار بوزدار صدام حسين شاه غلام مصطفي مهر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هر آئي ڏينهن چوريون روز جون معمول بڻجي ويون آهن گڏوگڏ سماجي برائيون پڻ عروج تي هلي رهيون آهن .آڪڙا پرچي شراب فحاشي جا اڏا سرعام هلندڙ آهن.18 ڏينهن اڳ ديوان راجڪمار جي گهران ٿيل چوري واپسي نه ٿي آهي ديوان راجڪمار  ميڊيا سان ڳالهائيدي چيو ته 18 ڏينهن گذري ويا آهن پر اسان جي گهران ٿيل چوري واپسي ناهي ٿي سگهي هن چيو ته پوليس اسٽيشن جي ڀرسان گهر هئڻ باوجود اسان جي چوري ٿي آهي پر هن ٽائيم تائين پوليس ايف آئي آر نٿي وٺي.هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ٿيل چوري واپس نه ڪرائي وئي ۽ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.