دادو ۾ رٽائرڊ ملازمن جو گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف ڌرڻو، بک هڙتال

دادو (ڊ ر) سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جا پئسه نه ملڻ خلاف دادو جي رٽائرڊ ملازمن پير مٺل. ڀائي خان برھماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو ھٿن ۾پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪري ڌرڻو ھڻي مک ڪچھري روڊ بند ڪري ڇڏيو. مظاھرين دانھيو ته رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جا پئسا ڏيڻ جو فيصلوعدالت ڏئي چڪي آھي. پرسنڌ حڪومت رڳو ڪاميٽيون جوڙڻ ۾ پوري آھي. ھو صرف انشورنس ڪمپني کي فائدو ڏنو پيو وڃي. ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.