ڳڙھي خيرو ۾ ھڪ ئي رات ۾ 2 ڄڻا فوت

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ۾ ھڪ رات  ۾ 2 ڄڻا فوت، ڳڙھي خيرو ۾ رٽائر اي ايس آئي ڪامريڊ علي حسن ڀٽي بيمار رھڻ سبب ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو, نماز جنازه "مھراڻ” گرائونڊ تي ادا ڪئي وئي, نماز جنازه ۾ عزيزن, دوستن, شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي, جڏھن ته ساڳي رات جو ڳڙھي خيرو ۾ يار محمد جمالي "ڀانداڻي” فوت ٿي ويو, نماز جنازه ڳڙھي خيرو "مھراڻ” گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي.

اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن جو آزار، نينگر ڏاڙهجي زخمي

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو لڳ يوسي نصير ڌانڌو جي ڳوٺ پريو چاچڙ ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو رولو ڪتن پنجن سالن جي معصوم جنيد کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي زخمي حالت ۾ويجهي اسپتال پي پي ايڇ سينٽر ڪمون شهيد کڻي ويا جتي ويڪسين نه هجڻ سبب تعلقه اسپتال اوٻاوڙو کڻائي آيا جي ويڪسين ڪيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هيو ته يوسي نصير ڌانڌو ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن سبب ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن اسان سيڪريٽري کي چئي چئي ٿڪجي پيا آهيون پر هو ڪتا نٿو مارائي اسان جي ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل آهي ته ڪتا مارايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.