وڌندڙ مهانگائي خلاف سکر ۾علامتي جنازو کڻي احتجاج، ڌرڻو

سکر(رپورٽر) ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي، خبر موجب: سکر جي شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳوڻن پاران نصير احمد گوپانگ، فقيرمام دين، وقار علي سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ اندر مهانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي ايتري وڌي وئي آهي جو عام ماڻهون ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن، هنن چيو آهي ته پاڪستان جا نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي نوڪرين لاءِ دربدر جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، جن کي ڪوبه رليف ناهي ڏنوويو، هنن مطالبو ڪيوآهي ته ملڪ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري نوجوان طبقي کي روزگار ڏئي رهواسين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.