ڳڙهي حسن ۽ ڀرپاسي بدامني، 3 وارداتون

ڳڙھي حسن (ن ع آ) سب ڊيويزن  ڳڙهي حسن جي دلمراد ٿاڻي ۽ ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد مان امن جو پکي اڏري ويو ڪالھ هڪ ئي ڏينهن ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد گلشير ڪنراڻي مان اڻڄاتل چاٻي چور مرتضي ڪنراڻي جي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا ۽ دوڙ شهر مان راضي خان سرڪي جو ڀلوڙ ٻڪرو نامعلوم چور چوري ڪري ويا ۽ دلمراد ٿاڻي جي حد جمن شاھ کڙاپن وٽان هٿياربندن محمد حنيف جمالي کان موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش ڪئي تہ مذاهمت تي ڦورو ميرپور پوليس گرفتار ڪري ورتا ۽ متاثر راضي سرڪي غلام مرتضي ڪنراڻي  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد مان امن جو پکي اڏري ويو آهي .پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن چيو ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ٿا خدارا مسڪين آهيون اسان جو چوري ٿيل موٽر سائيڪل ۽ ٻڪرو واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾حادثي جو زخمي فوت، دوست تي قتل جو الزام

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ روڊ حادثي جو زخمي نوجوان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، فوتي نوجوان جي پيءُ سندس دوست مٿان کيس قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي ڪيس داخل ڪرڻ توڙي انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ گذريل سومر رات لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي بس اسٽينڊ روڊ تي نوجوانن جي موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪري پول سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ شهر جي يار محمد ڪالوني واسي 19 سالن جو نوجوان منٺار پٽ گلڻ خان ميرجت ۽ سندس دوست شهاب الدين سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي نوجوان منٺار ميرجت علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا بعد ۾ فوتي نوجوان جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا .

جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي پيرسن پيءُ گلڻ ميرجت ٻڌايو ته گذريل رات پٽ کي دوستن نشو ڏئي کيس شراب خريد ڪري اچڻ جو چيو ان تي پٽ دوستن سان گڏجي موٽرسائيڪل تي سوار ٿيو ۽ پراڻي بس اسٽينڊ وٽ نشي جي حالت ۾ سندس جي موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪري پول سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ هو دوست سميت زخمي ٿيو جڏهن ته حادثي بعد سندس جا ٻيا دوست کيس ڇڏي فرار ٿي ويا جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي هو فوت ٿيو آهي. هن الزام لڳايو ته منهنجي پٽ جي قتل ۾ سندس جا دوست فريد ابڙو ۽ نوريز لغاري ملوث آهن جن پٽ کي نشو ڏئي حادثو ڪرايو ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويا. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ جو قتل ڪيس سندس دوستن مٿان داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.