سپريم ڪورٽ بار جو ججز جي خالي جاين تي جلد مقررين جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ججن جي خالي جاين تي جلد مقرريون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اعليٰ عدليه ۾ ججن کي فوري مقرر ڪيو وڃي، رڳو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 22 ججن جون سيٽون خالي آهن.

سپريم ڪورٽ بار جو چوڻ آهي ته جلد ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ جوڊيشل ڪميشن ججن کي فوري مقرر ڪري ۽ ججز مقرري جي آرٽيڪل 175 اي۾ ترميم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.