پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا 14 ورهين کانپوءِ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي کان ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ شروع ٿي رهي آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ٽرافيءَ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيشنل اسٽيڊيم ۾ اڄ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ڀرپور پريڪٽس پڻ ڪئي.

پاڪستان ڪراچي ٽيسٽ لاءِ 17 رڪني ٽيم جو اعلان گذريل ڏينهن ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ اوپنر عابد علي ۽ عمران بٽ، مڊل آرڊر بيٽسمين اظهر علي، ڪپتان بابر اعظم، فواد عالم ۽ سعود شڪيل، آل رائونڊر فهيم اشرف ۽ محمد نواز، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان (نائب ڪپتان) ۽ سرفراز احمد کي شامل ڪيو ويو آهي.

پاڪستاني اسڪواڊ ۾ 3 اسپنر به رکيا ويا آهن، جن ۾ نعمان علي، ساجد خان ۽ ياسر شاهه شامل آهن، جڏهن ته فاسٽ بالنگ جي شعبي ۾ حارث رئوف، حسن علي، شاهين آفريدي ۽ تابش خان جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم ان کان 2007 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو، جنهن دوران نيشنل اسٽيڊيم ۾ به ٽيسٽ ميچ کيڏي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.