ريئل مي پنهنجي سي سيريز جو هڪ نئون گهٽ قيمت وارو اسمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
ريئل مي سي 20 کي سڀ کان اڳ ويٽ نام ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي.
هن فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جوهيليو جي 35 پراسيسر ڏنو ويو آهي.
سي 20 ۾ 6.5 انچن جو ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ ڏنو ويو جڏهن ته واٽر ڊراپ نوچ ۾ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.
فون جي هڪ خاص ڳالهه هن جي 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري آهي، جنهن سان گڏ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ناهي.
ٻين فيچرز ۾ آڊيو جيڪ، مائيڪرو فون ۽ مائيڪرو ايس ايس بي پورٽ ذڪر جوڳا آهن.
فون ۾ بيڪ تي سنگل ڪيمرا ئي موجود آهي جيڪا 8 ميگا پڪسل جي آهي.
فون ۾ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم موجود آهي جڏهن ته 2 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.
هي فون 2 رنگن ۾ موجود هوندو ۽ ان جي قيمت 105 ڊالر ( لڳ ڀڳ پاڪستاني 17 هزار رپيا) رکي وئي آهي.