حيدرآباد: سينئر صحافي رئوف چانديو جي اسڪول مان چوري ۽ ڌمڪين خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ سينيئر صحافي رئوف چانڊيو جي اسڪول مان ٿيندڙ لکين روپين جي چوري ۽ کيس ملندڙ ڌمڪين خلاف سول سوسائٽي طرفان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي پروفيسر امداد چانڊيو، رفيق مگسي، ڪامريڊ ثمر جتوئي، ايوب شر، خان محمد سهتو،۽ ٻين چيو ته سينيئر صحافي جي غريب ٻارن لاءِ مفت ۾ هلندڙ زڪيه ماڊل اسڪول مان لکين روپين جي چوري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، هنن چيو ته چوري کي 4 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود  پوليس نه چوري واپس ڪرائي سگهي آهي نه ئي وري سينئر صحافي رئوف چانڊيو کي ڌمڪيون ڏيندڙ بااثر اڪبر کوسو  کي گرفتار ڪري سگهي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته  بااثر جوابدار اڪبر کوسو کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

رپورٽ-حسيب لطيفي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.