کنڊ ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل کي انجام تي پهچائينداسين: نيب چيئرمين

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل کي انجام تي پهچائينداسين.

نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته وائيٽ ڪالر ڪرائم ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ فرق هوندو آهي، وائيٽ ڪالر ڪرائم جي جاچ لاءِ وقت گهربل هوندو آهي، ڪيترائي ڀيرا شاهديون ٻاهرين ملڪن مان به حاصل ڪرڻيون پونديون آهن.

هن چيو ته فالودي ۽ پاپڙ واري جي نالن تي اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، کنڊ ۽ ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ انجام تي پهچائينداسين.

سندس چوڻ هو ته قائداعظم محمد علي جناح ڪرپشن کي وڏي لعنت قرار ڏنو، مني لانڊرنگ لاءِ جعلي اڪائونٽس جو سهارو ورتو ويو، احتساب عدالتن ۾ شاهدين جي بنياد تي ريفرنس داخل ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.