”اسان وٽ موقعو آهي ته ڏکڻ آفريقا کي هارائي پنهنجو رڪارڊ بهتر ڪيون“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق اعتراف ڪندي چيو آهي ته پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان ۽ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي.

آچر ڏينهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي پريڪٽس سيشن کانپوءِ آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته سيريز لاءِ ڀرپور انداز ۾ تياريون ڪيون آهن، رانديگر ٽيسٽ سيريز لاءِ منتظر ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پراعتماد آهن، ٽيم جا گهڻا رانديگر هتي کيڏندا رهيا آهن، تنهن ڪري کين ڪنڊيشن جو ايڊوانٽيج حاصل آهي.

هن چيو ته ماضي ۾ ڏکڻ آفريقا جو پاڪستان خلاف رڪارڊ سٺو رهيو آهي پر هاڻ حالتون مختلف ٿي سگهن ٿيون، ماضي ۾ ڏکڻ آفريقا وٽ ڪوالٽي بالنگ لائن هئي ۽ اهڙا بيٽسمين پڻ هئا، جيڪي هر قسم جي بالنگ سٺي طريقي سان کيڏندا هئا پر هن ڀيري شايد ٿوري مختلف ڪهاڻي آهي ۽ پاڪستان وٽ موقعو آهي ته ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي پنهنجو رڪارڊ بهتر ڪري.

هيڊ ڪوچ تسليم ڪيو ته پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان ۽ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي پر پريشان ناهيان ته اڳتي ڇا ٿيندو، هن وقت سڄو فوڪس سيريز تي آهي ۽ تياري ڪري رهيا آهيون، ڪارڪردگي جو پريشر هر ڪنهن تي هوندو آهي، ان کي هينڊل ڪرڻو پوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته بابر اعظم سلجهيل ڪپتان آهي ۽ سکي رهيو آهي، کيس گرائونڊ ۾ فيصلن بابت مڪمل آزادي هجڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.