سراج الحق جو اسٽيل ملز ملازمن جي حق ۾ هر سطح تي آواز اٿارڻ جو اعلان

 

ملير (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق اسٽيل ملز ملازمن لاءِ هر سطح تي آواز اٿارڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪرپٽ حڪمرانن اسٽيل ملز جهڙي وڏي اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو.

پاڪستان اسٽيل ملز مان جبري طور برطرف ڪيل پورهيتن گهر ڀاتين سان گڏجي اسٽيل ملز جي سي اي او جي گهر اڳيان چوڏهين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو، جتي جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق پهچي مزدورن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته وفاقي حڪومت جو اسٽيل ملز کي تباهه ڪندڙن کي پڪرڻ بدران ان کي بند ڪرڻ ۽ پورهيتن جي جبري برطرفي وارو فيصلو مزدور دشمني تي ٻڌل آهي، عمران حڪومت هڪ ڪروڙ بيروزگارن کي نوڪريون ڏيڻ بجاءِ 10 لک پورهيتن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سنڌ جي گورنر اسٽيل ملز ملازمن کي 25 لک رپيا ڏيڻ جو ڪوڙ هڻي رهيو آهي، ملازمن کي چار کان پنج لک رپيا ملندا، جيڪا هن مهانگائي جي دور ۾ ساڻن ناانصافي آهي، مزدورن جي حق ۾ هر سطح تي آواز اٿارينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.