ڄامشورو : سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران وسيلن تي قبضي، ڌاري آبادڪاري ۽ جبري گمشدگين خلاف جلسي جو اعلان

سنڌ ايڪشن ڪميٽي 28 فيبروري تي سکر ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضي، ڌاري آبادڪاري ۽ جبري گمشدگين  خلاف احتجاجي جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراھي اجلاس سيد جلال محمود شاهه  جي صدارت ھيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشوري ۾ ٿي گذريو.

اجلاس کان پوءِ  اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي پــــيــڊا آرڊيننس ذريعي وفاق جي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جدوجھد جو جائزو ورتو ويو. جنھن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي شاندار جدوجھد سبب وفاق پيڊا آرڊيننس جو مدو نہ وڌائي سگھيو آھي ۽ آرڊيننس ختم ٿي چڪو آھي،  پر ان باوجود به  سنڌ ايڪشن ڪميٽي سمجھي ٿي ته  اڃا خدشا موجود آهن.

هنن چيو ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي جي نيت برقرار رکي ويٺو آھي، اتفاق ڪيو ويو آهي ته  سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ، سنڌ جي وسيلن ، زمينن تي والار کي  روڪڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪندي رھندي.

هنن اعلان ڪندي چيو ته اجلاس ۾ 28 فيبروري تي سکر ۾ سامونڊي ٻيٽن جي تحفظ ، سنڌ جي زمينن غيرقانوني قبضن ڌاري  خلاف جلسو ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ مان کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.