ق ليگ جو سيالڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ ق ليگ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ق ليگ اين اي 75 جي ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف اميدوار کي سپورٽ ڪندي، ان حوالي سان چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي پارٽي اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

پرويز الاهي موجب اتحادي جي حيثيت سان پي ٽي آءِ اميدوار جي ڪاميابي ۾ ڀرپور ڪردار نڀائينداسين، پي ٽي آءِ اميدوار جي ڪاميابي لاءِ اڳواڻ ڀرپور مهم هلائيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.