سکر: سھتا برادري پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

سکر  ۾ سھتا برادري پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ظھور حسين. حاڪم علي.عبدالڪريم سھتو  جي اڳواڻي ۾ عورتن. مردن ۽ ٻارڙ سکر پريس ڪلب ۾  احتجاج  ڪندي صحافين آڏو دانهيو آهي ته ھنن وڏيري قلندر بخش. الھوڌائي. امجد. ۽ ٻين  کان يارنھن ايڪڙ زمين خريد ڪئي ھئي جنھن تي ھو گذريل ٽن مهينن کان قبضو ڪري ويٺل آهن.

ھنن الزام هڻندي چيو ته بااثر  خيرپور پوليس سرپرستي ۾  قبضو ڪري ڌمڪيون ڏنيون جنھن سبب محمد عرس سھتو فوت ٿي ويو آهي.

احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي، ڪو به  دانھن ٻُڌڻ وارو اعلي اختيارين کان اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.