نوابشاهه: ينگ وٽرنري ڊاڪٽرس ايسوسي ايشن پاران ڊاڪٽرن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه ۾  ينگ وٽرنري ڊاڪٽرس ايسوسي ايشن پاران وٽنري ڊاڪٽرز کي پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو.

750 وٽرنري ڊاڪٽرن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف مسرور احمد گوپانگ، عدنان مھر، انيس ڪنڀر، ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو هڪ سال  پھريان ڪميشن جو امتحان ڏئي وٽنري ڊاڪٽر بڻيا پر کين هن وقت تائين پڪو ناهي ڪيو ويو.جيڪا ناانصافي آهي.

احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير، لائيو اسٽاڪ بابت صوبائي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين پڪو ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.