لاڙڪاڻي ڀرسان ککراڻي برادري ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ دلي جان ککراڻي ۾ ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جتي ڪهاڙيون  لڳڻ سبب امام الدين سندس پٽ صفدر علي، سردار علي ۽ سئوٽ قائم الدين ککراڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي صفدر علي جي سالي گدا حسين ککراڻي ٻڌايو ته طارق حسين، آزاد، رجب علي، راشد، فهد، توصيف ککراڻي سميت 15 کان وڌيڪ ماڻهن ڪهاڙين سان حملو ڪري امام الدين سندس پٽن صفدر علي، سردار علي ۽ سئوٽ قائم الدين ککراڻي کي زخمي ڪيو . جن کي زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.