مدئجي لڳ ٻن ڌرين ۾فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

مدئجي(ن ع آ )مدئجي جي ڪچي جي علائقي ڳوٺ لائق ڪلهوڙو ۾ ڪلهوڙا برادري ٻن ڌرين ۾معمولي ڳالھ تان جهيڙوٿي پيو  جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي فائرنگ سبب پوري علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ٻه ڄڻازخمي ٿي پيا  زخمين کي وارثن کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو زخمين ۾ عبدالستار ۽ ممتاز ڪلهوڙو شامل هئا تعلقي اسپتال مان زخمين کي فوري طبي امداد بعد نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ڄهٻرشيخ ٿاڻي تي زخمي ممتاز ڪلهوڙو جي فرياد تي جوابدار رشيد ڪلهوڙو اعتبار عرف عطو ڪلهوڙو سهيل ڪلهوڙو سميت اٺن جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي هئي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.