فقير آباد ۾ شر پسندن هٿان لوڙهي کي باهه، 10 گهر سڙي ويا

گمبٽ ( رپورٽ: الهداد اڄڻ ) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ فقيرآباد ۾ شر پسندن گھر جي لوڙهي جي ڀر سان باهه ڏيڻ سبب 10 گھرن کي باهه  وڪوڙي وئي. باهه لڳڻ سبب گلزار اوڏ،ڪمن اوڏ،ميان داد شر،مالڪ ڏنو شر،مولا بخش بروهي،واحد بخش بروهي،انور علي بروهي، پهلوان ۽ محمد بچل بروهي سميت 10 ڄڻن جي گھر کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گھرن ۾ پيل سامان هنڌ، کٽون، سياري جي ٿڌ کان بچاءِ لاءِ بسترا، کاڌ خوراڪ جو سامان، ڪپڙن سميت سڀ ڪجھه سڙي رک ٿي ويو آهي. گھرن ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ به ناهي بچيو، اسين غريب آهيون محنت مزدوري ڪري پنهنجي بڄن جو گذر سفر ڪندا  آهيون فائربرگيٽ ليٽ سان پهچڻ ڪري گھرن ۾ ڪجھ ناهي بچيو. گھرن ۾ بيٺل 3 مينهون، 4 ٻڪريون به سڙي زخمي ٿي پيون آهن. ڳوٺاڻن ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مدد ڪري سخت سردي کان بچاءِ لاءِ گرم ڪپڙا مهيا ڪري کاڌ خوراڪ جو سامان ڏئي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.