ڪوٽ مير محمد ۾ گهر کي باهه ، الهه تلهه سڙي رک

ڪوٽ مير محمد ( ن ع آ ) ڪوٽ مير محمد لڳ ڳوٺ کنڀڙا ۾ نامعلوم ماڻھون محمد عرس کنڀڙو جي گهر کي باھ ڏئي فرار ٿي ويا جنهن ۾ ان، ڪپڙا، هنڌ، کٽون، ٿانوَ ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، محمد عرس دانهيندي چيو ته منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي نامعلوم شرپسندن پاران منهنجي گهر کي باھ ڏئي مون سان ظلم ڪيو ويو آھي، منهنجي ايس ايس پي خيرپور ۽ وس وارن کي اپيل آھي ته شرپسندن جي ڳولها ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.

ميان صاحب لڳ سارين جي ديري کي باهه، لکن جو نقصان

ميان صاحب(رپورٽ مظفر ملڪ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ دوست واھ ۾ پورهيت محمد حيات ميراڻي جي 100 جريبن جي رکيل سارين جي ديري کي اوچتو باھ ، لکين روپيا  ماليت سارين جو فصل سڙي رک ، فائر برگيڊ عملو دير پھتو ، لکين روپين جو نقصان پھتو آھي گھر ڀاتين جي محنت سان گڏايل ان ۽ سموري سال جو آسرو باھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو ، مالي مدد ڪئي وڃي ، متاثر پورھيت محمد حيات ميراڻي ،  تفصيل موجب :  ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ دوست واه ۾ زميندار آغا نصر خان پٺاڻ جي ھاري پورھيت محمد حيات ميراڻي جي 100جريب جي سارين جي ديري کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنهن سبب لکين روپين جو پيل پلال ۽ سارين جو فصل سڙي رک ٿي ويو آھي متاثر پورهيت محمد حيات مير بحر موجب  فائربرگيڊ عملو بروقت اطلاع باوجود دير پهتو جنھن ڪري باھ تي ظابطو نہ اچي سگهيو ۽ لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي.  سارين جو فصل ٻچڙن لاء سموري سال جي گذر سفر جو آسرو ھيو جيڪو باھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو انتظاميا مالي امداد جي مدد ڪري .

مدئجي لڳ 5 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، تعزيت جاري

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي ڀرسان نئون امروٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوڻيجا ۽ دل برادري وچ ۾ موبائيل فون ڦر مامري تان ٿيل تڪرار ۾ فائرنگ دوران مارجي ويل پنجن ڄڻن جر  جي قتل ۾ ملوث جوابدارن پوليس جي پڪڙ ۾ نه اچي ٻه هفتا گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪري ناهي سگهي پوليس قاتلن جي گرفتارين لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا چڙهايون ڪيون جنهن دوران پوليس ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ داخل ٿي گهريلو سامان ۽ عورتون گرفتار ڪرڻ تائين محدود رهي جنهن ڪري پوليس قاتلن کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد هٿن تي هٿ رکي ويٺل آهي،جنهن ڪري علائقي ۾ خوف واري صورتحال بدستور قائم آهي.  هوڏانهن پوليس ٻنهي برادرين جي چڱن مڙسن معرفت تحويل ۾ ورتل ماڻهو پڻ ظاهر نه ڪري سگهي آهي،ٻئي طرف جوڻيجا ۽ دل برادري جي مارجي ويلن جي وارثن سان عذرخواهين جو سلسلو هلندڙ آهي ان سلسل ۾ پ پ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو رٽائرڊ ڊي ايس پي باقر جوڻيجو،الطاف جوڻيجو، عمران جوڻيجو ۽ ٻين سان گڏ ڳوٺ ملاڻي جوڻيجا پهچي جوڻيجا برادري جي قتل ڪيل ٽن ڄڻن جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي بابت ڄاڻ ورتي جڏهن ته ايم اين اي خورشيد جوڻيجو دل برادري سان تعزيت ڪرڻ بنا واپس روانو ٿي ويو،

شيخ ڀرڪئي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ تي حملو ڪندڙ آزاد، احتجاج

شيخ ڀرڪيو (ن ع آ ) شيخ ڀرڪيو جي سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ بابو اورنگزيب شيخ مٿان گذريل ڏينهن قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار مٿان ڪيس داخل نه ٿيڻ  ۽ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به شيخ ڀرڪيو ۾ ايس ٽي پي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي صدر اقبال حاجاڻو , اورنگزيب شيخ ,گل حسن سولنگي , ناٿو ڀيل , رضوان شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو اورنگزيب شيخ مٿان حملو ڪرڻ انتهائي ڪريل حرڪت آهي.شيخ ڀرڪيو پوليس يقين ڏياريو هو ته ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا پر ٻيو ڏينهن گذري ويو پوليس نه ڪيس داخل ڪيو آهي نه حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا آهن . هنن چيو ته حملي ڪندڙن جا وارث ٺاه لاءِ دٻاء وجهي رهيا پر ڪنهن به صورت ۾ انهن شرپسندن کي بخش نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته هڪ طرف ٺاه لاءِ دٻاء وڌو پيو وڃي ته ٻي طرف حملو ڪندڙ ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آهن.هنن چتاءُ ڏنو ته ڪيس داخل ڪري حملو ڪندڙ جوابدار فوري گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

راضيديرو  ۾ شهيد اهلڪار جي تڏي تي ايس پي ٻيو ڀيرو پهتو

راضيديرو (ن ع آ ) ايس پي هيڊ ڪوارٽر خيرپور نوشيروان چانڊيو راضيديرو جي شهيد ٿيل پوليس اهلڪار محمد صديق ناريجو جي تڏي تي ٻيهر پهتو. ان موقعي تي هن ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد پوليس اهلڪار جي خون جا مقروض آهيون ، سندن وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. شهيد جي وارثن ۽ سندس خاندان کي شهيد ڪوٽا تحت نوڪريون، پينشن، تعليم جو خرچ سميت سڀ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اعليٰ آفيسر عدالت سڳوري ۾ ڪيسن جي حاضرين سبب نه پهچي سگهيا آهن جيڪي به تمام جلد سندن تڏي پهچي ڏک ۾ شريڪ ٿيندا ۽ کين هر سهولتون ڏنيون وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ضلعي ۾ امن امان جي بهتري لاءِ ڪوشش جاري آهي، جرائم پيشا افراد خلاف ڪاروايون جاري آهن، انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مختلف ٽيمون جوڙي ڪم ڪري رهيا آهيون

نندو ۾بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪنيڪشن ڪاٽا

نندو( ن ع آ) نندو ۽ ان جي ڀرپاسي جي 30 کان مختلف ڳوٺن ۾ حيسڪو بدين جي سب  ڊويزن جي ايس ڊي او گل رحمٰن پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ باقيدارن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون ان موقعي تي ايس ڊي او ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪاربجي پاليسي تحت بجلي جا بل جمع ڪرائيندڙن جي بجلي ڪٽي ويئي آهي ۽ بجلي چورن جي خلاف ايف آءِ آرز ۽  قانوني ڪارروائي لاءِ ٿاڻن تي ليٽر جاري ڪيا آهن بجلي چور هن قوم ۽ ملڪ جا دشمن آهن انهن کي بجلي چوري ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين.

ناري ۾ اسڪول جي استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نارو ( ن ع  آ ) نارو تجل واري علائقي ۾  يو اي پي گئس ڪمپني جي تعاون سان هلندڙ 42 گرلز بوائز پرائمري اسڪولن جي 72 استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ   هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ مظاهرين دادلو فقير سهتو،الطاف ڀنڀرو.حاڪم علي ڀنڀرو.خميسو اوڏ.منور شر.منشاد ڀٽي.امام ڏنو ملاح ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين يو اي پي گئس ڪمپني جي تعاون سان هلندڙ اسڪولن ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏيندا آهيون ۽ گئس ڪمپني اسان کي پگهارون ڏيندي آهي جڏهن ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اسان کي  پگهارون نہ ٿيون ڏنيون وڃن ۽ انڪريمنٽ به نٿي ڏني وڃي.  جڏهن ڪنهن قوم کي تباه ڪرڻو هجي ت انهن کان تعليم کسيو ۽ هن ٽائم اسان جي ٻچن سان ب اوهوئي ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته اسين يو اي پي گئس ڪمپني انتظاميه  تڪ جي چونڊيل ايم اين اي ۽ ڊي سي خيرپور کي اپيل ٿا ڪيون ته هن مسئلي جو نوٽيس وٺي جائز مطالبا فوري طور حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ پهرين فيبروريءَ تي سانون گئس فيلڊ جي مين دروازي تي پنهنجي مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو ڏينداسين

بدين ۾ ڪميشن پاس وٽنري ڊاڪٽرن جو آفر آڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

بدين(ڊر ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي لکت واري ٽيسٽ پاس ڪندڙ چوپائي مال جي  ڊاڪٽرن کي آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پاڪستان ويٽنري ميڊيڪل ايسوسئيشن طرفان بدين ۾ ڊاڪٽر دودو چانڊيو ،آيت الله جروار، ڊاڪٽر علي حسن جت، ڊاڪٽر اصغر چانگ، ڊاڪٽر ياسر امين الله والا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته سنڌ جي 750 ويٽنيري ڊاڪٽرن پاران ميرٽ تي ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ جي باوجود سنڌ لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان کين آفر آرڊر جاري نه ڪرڻ ميرٽ سان مذاق آهي،  ميرٽ تي امتحان پاس ڪرڻ جي باوجود ڪميشن پاس بيروزگار نوجوان آفيسن جا ڌڪا کائي رهيا آهن ۽ منجهن سخت بي چيني پکڙيل آهي هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي 750 ڪميشن پاس ويٽنيري ڊاڪٽرن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سجاول جوڻيجو ۾لوئر اسٽاف جو مطالبن جي حق ۾احتجاج

سجاول جوڻيجو ( ن ع آ ) سجاول جوڻيجو ۾ آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن کاتي جي ملازمن طرفان مطالبن جي مڃتا لاء پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن نور محمد  ساريو غلام عباس لولائي غلام نبي ڀٽو دوست ڪلھوڙو انور علي ڀٽو رجب ديناري اختر جلباڻي الطاف ساريو نذير ڀٽو ۽ ٻين ملازمن چيو ته اسان جا مطالبا ٽائيم اسڪيل وردي الائونس پروموشن مڃي اسان کي پنهنجو حق ڏنو وڃي ھي اسان جا جائز مطالبا آهن لوئر اسٽاف ايجوڪيشن ملازمن طرفان تعليم کاتي سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.