پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ وڌيل مهانگائي

ايڊيٽوريل

ملڪ جو عوام بي حس ٿي ويو آهي  يا کين ان ڳالهه جو ڪو احساس ئي نه رهيو آهي ته مهانگائي ڇا ٿيندي آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ هاڻي ڪجهه مشڪل ٿيندو پيو وڃي جو تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ گذريل ٽن سالن دوران ملڪ ۾ هڪڙي ئي شيءِ آهي جيڪا مسلسل وڌي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪابه ڪمي واقع نه پئي ٿئي، اها آهي ” مهانگائي“، جڏهن ته عوام پوءِ ڀل ان جي روزاني اجرت ڪيتري به گهٽ هُجي يا پني منگي پنهنجو گذرسفر ڪندو هُجي ان کي ملڪ ۾ ٿيندڙ اهڙي مهانگائيءَ جو ڪوبه احساس نه پيو ٿئي جو  عوامي سطح تي تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف ڪوبه رد عمل يا احتجاج ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، سواءِ مخالف ڌر جي پارٽين جي رد عمل ۽ رڙين جي، ملڪ ۾ موجود اهڙي صورتحال انتهائي تشويشانڪ آهي،.

اهڙي صورتحال بيان ڪرڻ جو مقصد اهو به نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو عوام معاشي طور تي تڪليف ۾ نه آهي، يا مهانگائيءِ ڪري سندس زندگي عذاب نه بڻي آهي، اصل ۾ سوال هي آهي ته ملڪ ۾ عوام لاءِ معاشي طور تي انتهائي عذاب پيدا ڪندڙ مهانگائيءَ خلاف عوام ڪنهن موثر رد عمل جو اظهار ڇو نه ٿو ڪري؟.

دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به مهانگائي ٿيندي آهي، مثلن آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ برطانيه وغيره ۾ پڻ پر انهن ملڪن جو عوام توڻي جو مالي طور تي انتهائي خوشحال ۽ سکيو ستابو هوندو آهي تڏهن به احتجاج ڪندو آهي، تاريخي طور  برطانيه ۾ حڪومتن خلاف جيڪي سگهارا احتجاج ٿيا آهن اهي احتجاج انڊن ، بريڊ، پنير ۽ کير جي اگهن جي واڌ جي خلاف ٿيا آهن جن ڪري حڪومتون لڏي وينديون آهن، انهن ملڪن ۾ شين جو قيمتون ايتريون ته هڪ ڪريون ۽ جٽادار هونديون آهن جو کير، انڊن، بريڊ ۽ ماکيءَ جي اگهن ۾ اضافو ورهين بعد ٿيندو آهي،  اها ڳالهه به ذڪر لائق آهي ته انهن ملڪن جو عوام شين جا اگهن ورهين تائين هڪ ڪرا هجڻ ڪري شيون خريد ڪرڻ وقت دڪاندارن کي عجب مان چوندو آهي ته ” کير ۽ پنير“ جي قيمت اڃان ساڳئي آهي، جيڪا ٽي سال اڳ هُئي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ معيشت جي اهڙي صورتحال انتهائي اطمينان بخش هوندي آهي جنهن جو سبب فقط هڪڙو ئي آهي، اهو آهي انهن ملڪ جي ”معيشتن جو سگهارو هجڻ“. پاڪستان جي معيشت کي ان منزل تي پهچڻ لاءِ الائي ڪيتراورهيه لڳندا؟

مٿي جيڪا صورتحال پيش ڪئي وئي آهي، اها ضمني آهي جنهن جو مقصد فقط اهو بيان ڪرڻ آهي ته دنيا ۾ معاشي خوشحالي ڇا ٿيندي آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي حوالي سان ڳالهه ڪنداسين ته هتي معاشي خوشحاليءَ جو اهڙو هڪڙو به مظهر سامهون نه آهي جنهن کي بنياد بڻائي چئي سگهجي ته ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ معاشي خوشحالي ايندي.

گذريل ڏيهن تائين سرڪار پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ عوام جي فوري  استعمال ۾ ايندڙ شيون جن ۾ کاڌ  خوراڪ ۽ دوائون شامل آهن مهانگيون ٿي ويون آهن، هي اهڙا اسم آهن جيڪي اڳ ئي هڪ سو کان پنج سو سيڪڙو ۽ ڪجهه شيون ته هڪ هزار سيڪڙو مهانگيون ٿي ويون آهن، هاڻوڪي تيل ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ بعد انهن شين جي قيمتن ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو.

ڪالهه جي اخبارن ۾ ملڪ جي معيشت جي حوالي سان ڪجهه ٻيون به خبرون شايع ٿيون آهن، مثال طور تعميراتي شعبي ۾ آرڊيننس جاري ڪري ايمنسٽي اسڪيم لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد آهي ته ڪوبه بلڊر ڀل ڪارو ناڻو استعمال ڪري ان کان پڇا نه ڪئي ويندي، اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح 7- سيڪڙو برقرار رکندي چيو آهي ته ملڪ جي معيشت ۾ سڌارو نظر نه پيو اچي،  ناڻي جي وزارت سينيٽ جي اجلاس ۾  اعتراف ڪيو آهي ته  2018 کان 2020 تائين وفاقي حڪومت 4.5 کرب  رپين جو قرض ورتو.

مٿي بيان ڪيل ٽنهي خبرن بعد چوٿين خبر ملڪ ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جي آهي، جنهن بعد ملڪ ۾ وري مهانگائيءَ جو جيڪو طوفان ايندو ان جو اندازو اوهان سڀني کي ضرور هوندو، موجوده صورتحال ۾ رڳو هڪڙو سوال آهي ته، مٿي جيڪا به صورتحال بيان ڪئي وئي آهي، ان جي پس منظر ۾ ملڪ ڪهڙي نموني معاشي ترقي ڪندو ۽ مهانگائي گهٽ ٿيندي، هي اهڙو سوال جنهن جو جواب ملڪ جي حڪمران ڌرين، رياست جي منتظمن ۽ اعلى سياسي قيادت کي ڳولڻ گهرجي.

اها حقيقت آهي ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ مهانگائي بي انتها وڌي آهي، روپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي، معيشت مجموعي طور تي زوال پذير ٿي آهي، ملڪ تي قرضن جو بار اڳ جي ڀيٽ ۾ بي انتها وڌي ويو آهي، ملڪ ۾ پيدواري عمل ڪا ذڪر جوڳي ترقي نه ڪئي آهي، پرڏيهي واپار ۾ ڪو اضافو نه ٿيو آهي، وياجي شرح ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته حڪمران ڌر وٽ نه ته مضبوط معاشي پاليسي آهي ۽ نه ئي وري ڪا اقتصادي ۽ معاشي ماهرن جو ٿنڪ ٽينڪ آهي، وڏي ڳالهه ته اهو احساس به هاڻي يقين ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي ته حڪومت کان هٽي ڪري ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي پڻ اهڙي سنگينيءَ جو ادراڪ نه ادراڪ آهي ۽ نه ئي وري ڪي اپاءَ آهن، تنهنڪري ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال روزاني جي بنياد تي بگڙجندي پئي وڃي.

اسان هتي حڪمران ڌر ۽ ملڪ جي اعلى قيادت کي اها صلاح ڏيڻ چاهينداسين ته ملڪ ۾ ملڪ جي هر معاشي بحران جو حل مهانگائي وڌائڻ ۾ نه ڳولهيو، مهرباني ڪري اوهان اهڙو طريقو ڳولهيو جيڪو مهانگائي ختم ڪري سگهي ته جيئن اوهان جا سمورا معاشي ۽ اقتصادي مسئلا، مونجهارا ۽ بحران ختم ٿي وڃن، پر جي اوهان رڳو مهانگائي وڌائيندا ويندا ته مهانگائي عوام ۽ ملڪ جي وجود کي اڏوهيءَ وانگر کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.