عوام کي روزگار ڏيئي نه ٿا سگهو ته کسيو نه.!

تحرير: شوڪت علي جلباڻي

ملڪي سياست جو اهو الميو رهيوآهي اقتداري ڌريون پنهنجن حريفن کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ سماجي، اخلاقي قانوني توڙي قومي وقار جا بکيا اڍيڙي ڇڏڻ جون رسمون دهرائينديون رهيون آهن قليل تاريخ هجڻ جي باوجود ملڪ ۾ اهي سڀ تجربا ڪيا ويا جن کي هميشه عوام ئي ڀوڳيو آهي. ملڪ ۾ قانون جي ڪتابن کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ ته ملندا آهن پر انهن قائدن ۽ ضابطن جو لاڳو يا ته حريفن تي ٿيندو آهي يا وري غريب عوام تي.ڪو شڪ ناهي ته اسين انهي قوم سان تعلق رکون ٿا جٿي اُمراءَ هميشه پنهنجو پاڻ کي آئين و قانون کان مٿانهون سمجهندا آهن. اقتدار کان پهرئين غريب غربي جي ڪکائين جهوپڙين ۾ وڃي انهن جي ڀڳل ٿانون ۾ به پاڻي پيو اچن ۽ اقتدار کان پوءِ انهن جي لاشن تي وڃڻ لاءِ شرطون طئه ڪيون وينديون آهن. پر اسان جي قوم کي سڀ ڪجهه وساري اڳتي وڌڻ جي اهڙي عادت بڻجي ويئي آهي جو پنهنجن محبوبن حڪمرانن جي بي حسي کان وٺي بدعنوانين کي به وساري ويهندا آهن ۽ بنا ڪنهن نظريي جي انهن جا نعرا هڻن لاءِ ڏاڍا جذباتي ٿي ويندا آهيون. اسان جي ورهاست ڪڏهن مذهب جي نانءَ تي ته ڪڏهن وري لساني بنيادن تي ڪئي ويندي آهي.

هن قوم ايوب خان جي صنعتي ترقي کان وٺي، ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪپڙي ،روٽي ۽ مڪان، ضياء الحق جي مرد مجاهد سڏائڻ توڙي جهموريت بهترين پلاند آهي ۽ قرض لاهيو وطن سنواريون ، ڀٽي جي زندهه هجڻ ۽ تبديلي جا خواب ڏيکارڻ واري حڪومتن کي ڀليڪار ڪئي هوندي، اقتدار جي وارثن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هڪ ٻئي جي پت وائکي ڪري هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ عوام جي تقدير مٽائڻ جو ٺيڪيدار پاڻ کي سمجهي عوام جو رت ست چوسي پنهنجا محل اڏيا آهن.

آئون هونئن ته هن دور حاڪميت کي ايوب خان ۽ ضياءُالحق جي آمريت سان ڀيٽ ڪندو آهيان پر يقين ڪريو هن حڪومت جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي تن کان هن تبديلي حڪومت گوءِ کٽي ورتي آهي. ملڪ جي تاريخ گواهه هوندي ته 73 سالن ۾ حڪمرانن ڪڏهن به ادارا ختم ڪرڻ ۽ غريبن جي روزگار ختم ڪرڻ جي بدران نون ادارن کي قائم ڪرڻ ، پراڻن ادارن جي فلاح بهبود لاءِ قدم کڻڻ توڙي روزگار جي نوان موقعا پيدا ڪيا هوندا، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ميرٽ جو قتل عام ٿيو هوندو پر ان ڳالهه کي نظر ۾ رکجي ته پهرئين اسڪيل کان وٺي نائين اسڪيل تائين ملازمت ڪندڙ شخص جو تعلق ڪنهن غريب خاندان سان ئي هوندو جيڪڏهن انهي کي پنهنجي ٻچڙن جو معاش جو ذريعو مليو تڏهن به قوم کي ڪجهه آٿت ملي پر موجوده دور جا حڪمران نه صرف ادارن جي بند ڪرڻ جا عملي قدم کڻي رهيا آهن پن انهن جي ملازمتن مان خارج ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن .

جون جي مهيني ۾ ڪووڊ جي ڪري ٿيندڙ بي روزگار نوجوانن تي جڏهن مون ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي بيروزگار ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ڪيئي ويئي پر هن وقت وفاقي وزير اسد عمر ان ڳالهه جي تصديق ڪري چڪو آهي ته ملڪ ۾ ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جو روزگار متاثر ٿي چڪو آهي، حڪومتي انگ اکر انتهائي محتاط هوندا آهن غور ڪريو صورتحال ڪيتري خراب ٿي چڪي هوندي. ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح حڪومتي اندازن 9.65 سيڪڙو آهي پر حقيقت ان کان وڌيڪ ابتڙ آهي جيڪڏهن حڪومت اڳتي هلي 100 کان وڌيڪ ادارن کي ختم ڪرڻ ۽ خالي پيل جاين کي ختم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ته بيروزگاري جي شرح جا ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ٻيڻ تي وڌن جا انديشا آهن هڪ نجي سروي ايجنسي موجب بيروزگاري جي شرح 21 کان 23 سيڪڙو تائين جون 2021 تائين پهچي سگهي ٿي.

عوام کي فيصل آباد جي صنعت جي بحالي ۽ تعميراتي شعبي ۾ ترقي جي نويد ٻڌائي پئي وڃي پر ڪراچي جون صنعتون ته بند پيون آهن. ڪٿي فيول جي عدم دستيابي آهي ته ڪٿي بدعنواني جي نالي تي ٿيندڙ ڪارواين جي ڪري صنعتون ٺپ آهن. ميڊيا اڄڪلهه وري براڊشيٽ جي انڪشافن کي پاناما کان وڏو اسڪينڊل ٻڌائي حڪومتي موقف جي حمايت ڪندي نظر اچي ٿي، پر عوام انهيءَ رنگ بازين کان هاڻي تنگ اچي چڪي آهي، وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سان گڏوگڏ سرڪاري ملازمن جي روز به روز ادارن مان نيڪالي عوام ۾ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي آهي.

. هونئن ته چوندا آهن ته احتجاج جهموري حڪومتن جي سونهن هوندا آهن . مخالف ڌر جي ڪمزرو پيل تحريڪ ۽ ڪمزور احتجاجن کان حڪومت کي هڪ خوف طاري آهي جنهن جو ثبوت مخالف ڌر جي  احتجاج کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ وفاقي وزير شيخ رشيد ڪنٽرول روم قائم ڪري ، 1000 کان وڌيڪ ڪيمرائن وسيلي نگراني ڪئي پر اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي احتجاج سان گڏوگڏ وفاقي ملازم به پنهنجا مطالبا کڻي اسلام آباد جي روڊن تي نڪري آيا هئا تن جي لاءِ نه ڪنهن قسم جو ڪو ڪنٽرول روم هو نه ئي ڳالهين ڪرڻ لاءِ انهن وٽ ڪي حڪومتي اهلڪار سنجيدگي سان پهتا . هونئن ته اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر ، نرسون، استاد ، تاجر ، پي آءِ جا ملازم ۽ هاري روز به روز احتجاج ڪري رهيا آهن، پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازم به گذريل هفتن کان پنهنجا ٻچڙا وٺي مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا جونءَ نه ٿي چري.مخالف ڌر پنهنجي سياسي اسڪورنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي تقريرن ۾ ته غريب عوام جو ذڪر ڪري ٿي ۽ ڪالهه ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت ۽ صوبائي وزيرن اسٽيل ملز جي ملازمن جي احتجاج ۾ شرڪت پڻ ڪئي پر تنهن باوجود مخالف ڌر عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ به ناڪام رهي آهي .

پاڪستان پيلزپارٽي جو وجود روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري سان ٿيو هو گذريل وفاقي اقتدار ۾ پ پ پ پڻ عوام کي صرف باعزت روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ ڪي جامع پاليسيون نه جوڙي سگهي آهي ، پ پ پ گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، تعليمي ادارن ۾ ٽي ڀيرا ڀرتي ڪرڻ کانپوءِ به 37000 هزار خال پيل سيٽن کي ڀرڻ لاءِ ڪورٽن جي حڪمن کي پنهنجن تاخيري حربن سان نئين پاليسن جي بهاني سان لنوائي رهي آهي ان سان گڏوگڏ ٻين ادارن ۾ ڀرتي جو عمل نهايت ئي سستي جو شڪار آهي. پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جٿي صوبائي ادارن ۾ ساليانه بنيادن تي ڀرتي ڪئي ويندي آهي. اتي پيپلزپارٽي هڪ اقتدار جي پڇاڙي ۾ ٽيسٽ ته ٻئي اقتدا ۾ ڀرتي ته ، ٽئين اقتدار ۾ انهن جي ڪنفرميشن جي لاءَ حڪم سادر ڪندي آهي.

عوام کي وزيراعظم 56 روپين کان 60 روپين تائين وڪرو ٿيندڙ کنڊ جي 100 روپيا کان لاهي 86 روپيا وڪرو ٿيڻ تي مبارڪ باد ته ڏني هئي پر کنڊ جي هڪ ڀيرو ٻيهر سينچري مڪمل ڪرڻ تي نه کنڊ جي کيڏاري کي داد ڏني نه ئي مئچ فڪسرن جي ڪنهن نشاندهي ڪئي آهي. سينيٽ جي اجلاس جي دوران اٽي جي وڌندڙ قيمت تي جڏهن هڪ معزز سينيٽر سوال ڪيو ته سينيٽ چيئرمين صاحب حڪمرانن کي ايجنڊا تي بحث ڪرڻ جي تلقين ڪندي نظر آيو، ۽ وفاقي وزير حماد اظهر کي بغض سنڌ اتي به سنڌ جي نااهلي تي زور ڀريو پر خيبرپختون خواه جي هڪ ميمبر سندس 850 روپيا 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي ملڻ کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو ته خيبرپختون خواهه ۾ اٽو 1350 کان 1400 تائين 20 ڪلو جو ٿيلهو ملي رهيو آهي .ملڪ ۾ تبديلي خاطر ووٽ ڏيندڙ عوام کي هن وقت هڪ دفعو ٻيهر اٽو 65 کان 70 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.

جنوري جي مهيني ايندي ئي کاڌي واري تيل جي قيمتن ۾ به 30 کان 40 روپيه في لٽر اضافو ٿي چڪو آهي. بجلي جي اگهن ۾ پڻ نئين سال جي شروعات ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ تيل جي قيمتن پڻ هلندڙ مهيني ۾ ٻه ڀيرا اضافو ڪيو ويو آهي. مهانگائي جي شرح 9.5 کان 12 سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته معشيت ۽ مهانگائي تي نظر رکندڙ خودمختيار تجزيه نگارن جو خيال آهي ته بجيٽ کان پهرئين اها شرح هن سال 20 سيڪڙو کان به تجاوز ڪري ويندي. عوام هن وقت ٻه ويلا ماني کائڻ جي قابل ناهي رهي پر وزيراعظم عمران خان 22 ڪروڙ واري ملڪ جي عوام کي سنڀالڻ مصيبت سمجهي قوم کي اهو احساس ڏياريي ٿو ته حڪمران طبقي جي لاءِ عوام اقتدار تائين پهچائڻ جي ڏاڪڻ ٿي سگهن ٿا پر انهن جي ترقي و فلاح مرڪز نه ٿا بڻجي سگهن. ملڪ ۾ جيڪڏهن روزگار جا نوان ذريعا پيدا نه ٿا ڪري سگهجن ته گهٽ ۾ گهٽ جن کي ٻن وقتن جي ماني ميسر آهي انهن کان کسڻ کان پاسو ڪيو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.