ساڳيا سياسي لاٽون…!

تحرير: فضل سليمان قاضي

چونڊن ذريعي عوامي نمائندگي جو نظام، ”خدمت خلق“ جي لاءِ رائج ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تجربو ٻڌائي ٿو ته گهڻي حد تائين چونڊيل ماڻهو، حڪومتي نظام جي شرطن ۽ ضابطن کان واقف  نه آهن. انهن جي علميت جو دائرو ايترو وسيع نه آهي نه ئي ”خدمت خلق“ جي اصولن تي  هلندڙ آهن. چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجو وقت سيڙائڻ لاءِ ماهوار پگهار پڻ ڏنو ويندو آهي جيڪو مراعات سان گڏ لڳ ڀڳ 2 لک رپيا هوندو آهي.  اسيمبلي ميمبر جي ڪا خاص ڪارڪردگي نظر نه ٿي اچي. اهي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي پائمالي ڪرڻ ۾ رڌل رهيا آهن.

اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ته ٿين ٿا پر مسئلن تي عوامي نقطي نظر کان پري آهن. عوامي شڪايتن جي حل لاءِ عملي طور اصولي طريقو اختيار نه ٿو ڪيو وڃي. شڪايتي خطن جا ڍير اڇلايا وڃن ٿا آمريڪا ۾ نمائندن جي ايوان  ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي باقائدا آفيسون آهن جنهن لاءِ Secretanal Service  سرڪاري طور تي مهيا ڪئي وڃي ٿي. شڪايتون جيڪي وصول ٿين ٿيون انهن کي باقائدي موصوليت acknowledge ڪئي وڃي ٿي. ۽ عوامي نمائندا ۽ سينيٽ جا ميمبر شڪايتن جي ازالي لاءِ انهن ادارن سان رابطي ۾ اچي شڪايت دور ڪن ٿا. اسان وٽ خدمت خلق جو فقدان آهي. ميمبر پنهنجي فرض کان به اڻ ڄاڻ آهي. ڪيترا ويچارا لکڻ ۽ پڙهڻ کان به واقف نه هوندا آهن. ميمبري جي شوق ۾ ورتل آهن، ڇو ته چونڊن ۾ ميمبرن کان سوال جواب ڪرڻ وارو رواج لاڳو ٿي نه سگهيو آهي. نالي ماتر جمهوريت  آهي. مون مرڪزي حڪومت ۾ ڪيترن ئي سنڌي وزيرن کي ڪتاب به موڪليا ۽ ڪجهه شڪايتن بابت ڌيان به ڇڪايو پر ڪجهه به نه هڙ حاصل نه ٿيو.

خبرون آهن ته خالي سيٽن تي ننڍي چونڊ ۾ سنڌ ۾ سياسي پارٽين شرڪت ڪندي پنهنجا پنهنجا ماڻهو بيهاريا آهن. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس طرفان عمر ڪوٽ جي ننڍي چونڊ پي ايس 52 ۾ ارباب غلام رحيم کي بيهاريو  آهي. هو عام طور سنڌ جي مفادن مخالف ماڻهن سان بيٺل رهيو آهي. جنرل مشرف جي دور ۾ سنڌ جو وڏو وزير ٿاپيو ويو هئو. ان جي انتظامي دور ۾ سنڌين کي فائدي بجاءِ نقصان پهتو. ايم ڪيو ايم وارا جيڪي سندس حڪومت ۾ شامل هئا تن جي ئي سندس حڪومت ۾ هلندي هئي. جيڪو هو چاهيندا هئا اهو ئي ٿيندو هو. اسان وٽ چونڊن ۾ ووٽر جو ڪردار محدود رڳو ووٽ ڏيڻ آهي اها ئي سندن سياسي شرڪت آهي. ارباب غلام رحيم لاءِ هڪ سنڌ جي اعليٰ مرتبي واري شخصيت کيس ”ڪاري ڪانوَ“ سان منسوب ڪيو هئو.

هن جي وڏ وزارت جي دور ۾ سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ پاس ڪيو جيڪو سنڌ جي مفادن خلاف هئو پر ان تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ته ان جا نقصان ڏيندڙ عمل ۽ اثر سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ وڏن ادارن ۾ ڪمپنين ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ تي ڪهڙا پوندا. حقيقت ۾ اهو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران 12 مئي 2005ع ۾ پاس ڪيو ويو هو. جيڪو ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڪنور نويد جميل پيش ڪيو هو. اهو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. پر ان تي ڪنهن به سنڌي ميمبر اعتراض نه واريو، شايد خاموشي بهتر سمجهي جو ان وقت ارباب رحيم سنڌ ۾ صاحب اقتدار يعني وڏو وزير هئو، ٺهراءُ هيٺين ريت هو. ”هيءُ اسيمبليءَ جو اجلاس سنڌ حڪومت کي سفارش ٿو ڪري ته مناسب قدم کنيا وڃن. جيئن سنڌ ۾ قائم ٻاهرين-ملٽي نيشنل ڪمپينون ملازمت ۾ اوليت انهن کي ڏين جن وٽ مقامي ڊوميسائل ۽ پي آر سي هجي انهن کي قابليت جي بنيادن تي ترجيح ڏني وڃي خاص طور اهڙن علائقن ۾ جتي اهي قائم آهن.“

هيءُ ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو ان تي ڪو به بحث يا اعتراض ڪنهن به سنڌي نه اٿاريو سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ جو خط No.PAS/Legs/G-22/2005/Karachi May 20th, 2005 جيئن ته ملٽي نيشنل ۽ ٻيا ڪاروباري ادارا 98 سيڪڙو ڪراچي ۾ واقع آهن تنهنڪري رڳو ڪراچي جي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي وارن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪري ڏني وڃي.

جيئن ته ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي ٻين شهرن جي ڊوميسائيل کي ترجيح نه ڏني  ويندي ۽ اهڙي طرح سان سنڌين لاءِ نوڪري وٺڻ ممڪن نه ٿيندي. اسان جي اسيمبلي جي سنڌي ميمبرن ان ٺهراءَ تي ڪو به غور ۽ ويچار نه ڪيو ته اهو فيصلو سنڌين جي ڪاروباري ادارن ۽ ملٽي نيشنل تي پڻ لاڳو ٿيندو   جيڪي ڪراچي ۾ آهن کين نوڪرين کان محروم ڪيو وڃي. ڪهڙي نه شاطر انداز ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. 2005ع ۾ اهو ٺهراءُ پاس ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو قائم آهي.

ان کانپوءِ مون پ پ جي حڪومت جي قانون واري وزير سومري صاحب کي خط لکي ان ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته ان ٺهراءَ تي مناسب انداز ۾ ڌيان ڏنو وڃي جيئن نوڪري جو حق سنڌ جي سڀني علائقن جي شهرين کي حاصل ٿئي رڳو مقامي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي وارن کي نه ملڻ گهرجي جيڪي ڪراچي جا شهري آهن.  بدقسمتي چئبي جو چئبي منهنجي خيال ڪابه اهميت نه ڏني وئي. ڪهڙي نه شاطر انداز ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ سان لاڳاپيل ميمبر پنهنجي ڪراچيءَ جي ماڻهن جي مفادن کي وڌائيندا رهن ٿا.

حالت اها آهي ته مرڪزي حڪومتي ادارن ۾ به سنڌين کي نوڪري نٿي ملي. سمورن وفاقي ادارن ۾ ڪو به سنڌي مشڪل نوڪري ۾ نظر ايندو. اهڙا تفصيل منهنجي ڪتاب ”سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام“ ۾ لکيل آهن. سنڌين کي هوشيار ۽ سالم ذهن کي استعمال ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ٻي حالت ۾ وقت گذرڻ سو سان بقول ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي سنڌين کي ”ريڊ انڊين“ بڻايو ويندو. موجوده حڪومت جون پاليسيون سنڌين جي حقن جي مفادن ۾ ناهن. سنڌين جي وسيلن ۽  ملڪيتن تي ”قبضا گروپ“ جي يلغار هلندڙ آهي. وقتي مصلحتن سان سنڌين کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. هاڻي حق جي آواز کي بلند ڪرڻ گهرجي. اسان جي اسيمبلي جي اڳواڻن بابت 1943ع ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب سندس ڪتاب TOWARDS UNDERSTANDING THE MUSLIMS OF SINDH جنهن جو ترجمو سرونٽس آف سنڌ  سوسائٽي ڇاپيو آهي ان جي صفحي نمبر 77 تي ليکڪ لکيو آهي ته ” اسان جا اڳواڻ سياسي مونجهارن ۽ اٿندڙ سوالن کي سمجهڻ لاءِ بلڪل نااهل ۽ جاهل آهن سياسي مطالعو کانئن ڪوهين ڏور آهي.. اسانجي اڳواڻن مان هر هڪ پنهنجي مطلب جون ڌريون هلائي رهيو آهي  هو فقط پنهنجي ذات لاءِ اڳواڻ آهي. اقتداري محبت ماڻهو جي ذهن کي مڏو ڪري ڇڏي ٿي“ ڪنهن حد تائين اهڙن خيالن جو اظهار جديد دور جي سياست سان لاڳاپيل لڳي ٿو.

اسان جي اسيمبلي ميمبرن جو 98 سيڪڙو املاڪ ۽ پنهنجو خاص تڪن جا اهم شخص آهن ۽ ان ڪري چونڊن ۾ مورثي طور تي چونڊجي اچن ٿا. سنڌ اسيمبلي ان  لحاظ کان ”اميرن جو ادارو“ آهي. ڪو به مسڪين حال ذهين ۽ ايماندار شخص جو چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ ناممڪن آهي. هر چونڊ ۾ ”ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه“ وارو سلسلو قائم ۽ دائم اهي. خدا سنڌين جو خير ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.