حڪومت جو گردشي قرضن تي ضابطو

تحرير: محمد فاروق ٻرڙو

جيتوڻيڪ حڪومتي دعوائون سامھون اچي رھيون آھن ته حڪومت گردشي قرضن تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف آءِ ايم ايف پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ھن وقت گردشي قرضن جو ڪاٿو 2 ھزار 266_ارب رپيا آهي، ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف، پاڪستان سرڪار کان گھر ڪئي آهي ته پاڪستان توانائي شعبي جي گردشي قرضن ۾ ھڪ ھزار رپين جي گھٽتائي آڻي ۽ ان جي ادائيگي لاءِ بجلي جي اگھن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري يا ٻيو آپشن اھو آھي ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي وسيلن مان گردشي قرضن جي مد ۾ ھڪ ھزار ارب رپيا ادا ڪري، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ادائيگي نه ڪئي وئي ته پوءِ آءِ ايم ايف سان پروگرام شروع ٿيڻ جا امڪان نظر نه ٿا اچن،

ھوڏانھن توانائي واري وزارت پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته گردشي قرض ھٿن مان نڪري ويا آهن، موجوده حڪومت ۾ گردشي قرضن ۾ ھڪ ھزار 139 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي، ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته رڳو گذريل ٽن مھينن اندر سرڪيولر قرضن ۾ 116-ارب رپيا واڌ ٿي آهي، مالي سال 2019ع جي پھرين ڇھن مھينن ۾ گردشي قرض 288_ارب رپيا ھو، ٻين ڇھن مھينن ۾ 198_ارب رپيا واڌ ٿي مالي سال 2020ع جي پھرين ڇھن مھينن ۾ گردشي قرض 243 ارب ۽ پوئين ڇھن مھينن ۾ 494ارب رپيا قرض وڌيو، ان سلسلي ۾ توانائي واري وزارت پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ ڏنل انگن اکرن بابت وضاحت ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ جي دور ۾ گردشي قرضن جي رفتار 39 ارب رپيا ماهوار ھئي، جنهن کي موجوده حڪومت گھٽايو آهي، جولاءِ کان فيبروري تائين گردشي قرضن 90 ارب رپيا وڌيا، جڏهن ته نواز ليگ جي دور ۾ ان عرصي دوران قرض 270 ارب رپيا ٿيو، جڏهن ته اسان 180 ارب رپيا گردشي قرض گھٽايا آهن.

ھڪ طرف حڪومت گردشي قرضن ۾ گھٽتائي آڻڻ جي دعوا ته ڪئي آهي پر ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ حڪومت جيڪي انگ اکر پيش ڪيا آهن تنهن مان لڳي ٿو ته گردشي قرضن ۾ ايترو ته اضافو ٿيل آهي جو انهن قرضن جو خاتمو ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين گھٽ ٿيڻ جو پري پري تائين ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي ويتر آءِ ايم ايف پاران حڪومت تي بجلي جا اگهه وڌائڻ وارو جيڪو مطالبو ڪيو ويو آهي يا پاڪستان جي گردشي قرضن جو جيڪو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، تنھن مان لڳي ٿو ته حڪومت نھايت ئي ھاٽ واٽر ۾ ڦاٿل آهي، جتان فوري طور نڪرڻ جو ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي ھڪ طرف ملڪ ۾ گردشي قرضن ۾ ڏينھون ڏينهن ٿيندڙ واڌ ۽ ٻئي طرف آءِ ايم ايف پاران بجلي جا اگهه وڌائڻ لاءِ وڌل دٻاءَ جي ھوندي وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ وڏين، وچولين، ۽ ننڍين صنعتن کي 25 کان 50 سيڪڙو رعايت سان بجلي فراهم ڪرڻ وارو خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي،

وزيراعظم چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي صنعت کي گھڻي بجلي استعمال ڪرڻ تي پھرين نومبر کان جون مھيني تائين 50 سيڪڙو رعايت سان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته وڏين صنعتن کي گھڻي بجلي استعمال ڪرڻ تي 2019ع جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو رعايت سان بجلي ڏني ويندي يعني گڏيل طور تي سمورين صنعتن کي ايندڙ ٽن سالن تائين رعايت سان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته ھاڻي سمورين صنعتن کي 24 ڪلاڪ پي آورز طور بجلي مھيا ڪئي ويندي، وزيراعظم چيو ته ڏکئي وقت مان نڪري آيا آھيون پر ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته ٻيھر ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون.

بھرحال اسان ملڪ جي گردشي قرض آء ايم ايف جي دٻاءَ ۽ وزيراعظم پاران صنعتن کي رعايتي اگھن تي بجلي فراهم ڪرڻ واري اعلان کي سامهون رکي جڏهن جائزو وٺون ٿا ته اسان کي خبر نه ٿي پوي ته اھڙي خطرناڪ معاشي صورتحال ۾ وزيراعظم صنعتن کي رعايتي اگھن تي بجلي فراهم ڪرڻ واري جيڪا ڳالھه ڪئي آهي تنهن تي اھو عمل به ڪري سگھندو يا نه اسان سمجهون ٿا ته وزيراعظم جي معاشي ٽيم صنعتڪارن کي ملڪ جي گردشي قرضين بابت حقيقي ڄاڻ ۽ انگ اکر ٻڌائڻ بدران صنعتڪارن پاران حڪومت تي وڌل دٻاءَ کي قبول ڪري وقتي طور تي ته صنعتڪارن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته اسان نه ٿا سمجهون ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف پاران بجلي جا اگهه وڌائڻ واري مطالبي جي روشني ۾ حڪومت صنعتڪارن لاءِ اعلانيل پيڪيج تي عمل ڪري سگھندي جيئن ته وزيراعظم صنعتڪارن لاءِ جنهن پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي ان تي عمل پھرين نومبر کان شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته اسان وٽ نومبر کان وٺي مارچ تائين ملڪ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ رھي ٿي ۽ ڊيمن مان پاڻي جي گھٽ خارج ٿيڻ جي ڪري بجلي جي پيداوار ۾ خاطر خواهه گهٽتائي ٿيئي ٿي، جنهن ڪري اسان وٽ لوڊشيڊنگ جي عرصي ۾ نه رڳو اضافو ڪرڻو پئي ٿو پر ملڪ ۾ بجلي تي ھلندڙ ڪاروهنوار به سخت متاثر ٿيئي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ اھو ڪيئن ممڪن آهي ته صنعتن کي 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪري سگھجي يا صنعتن کي رعايتي اگھن تي بجلي مهيا ڪرڻ واري پيڪيج تي عمل ڪري سگھبو.

اسان ان حوالي سان ته حڪومتي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا ته صنعتڪارن کي رعايتي اگھن ۾ بجلي فراهم ڪرڻ سان صنعتي عمل وڌيڪ تيز ٿيندو ۽ صنعت ڪار ججھي انگ ۾ مال تيار ڪري سگھندا، جنھن سان ڏيساور ويندڙ مال ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جيڪو ملڪ جي ڏٻري معيشت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان ڪري اسان صنعتن کي سستي اگهه تي بجلي فراهم ڪرڻ تي ارھا ته نه آھيون پر اھو ضرور سوچيون ٿا ته جيئن وزيراعظم اڪثر موقعن تي غريبن جون معاشي حالتون سڌارڻ جو ذڪر ڪندو رھندو آھي، جنهن ڪري اميد اھا ڪئي پئي وئي ته حڪومت جيڪي به فيصلا ڪندي اھي غريب ماڻهن کي مٿي آڻڻ وارا فيصلا ھوندا، جڏهن ته حڪومت غريبن کي بجلي جي اگھن ۾ رعايت ڏيڻ بدران صنعتڪارن کي بجلي جي اگهھ ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏيڻ وارو اعلان ڪري غريبن کي به ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھوندو ان ڪري وزيراعظم کي غريبن کي به بجلي ۾ رعايت ڏيڻ لاءِ ڪو نه ڪو پيڪيج ضرور ڏيڻ گهرجي، اھڙي ريت جڏهن صنعتڪارن کي بجلي جي اگھن ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پوءِ حڪومتي سطح تي صنعتڪارن کي اھي به ھدايتون ڪرڻ گھرجن ته به پنھنجن مصنوعات جي قيمتن ۾ رعايت ڪن ته جيئن عام واهپي واريون شيون سستيون ٿي سگھن،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.