براڊشيٽ جاچ: حڪومت پاران اپوزيشن جا اعتراض رد

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت جسٽس ريٽائرڊ شيخ عظمت سعيد کي براڊ شيٽ انڪوائري ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ بابت مخالف  ڌر جا سمورا خدشا رد ڪري ڇڏيا، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر اُهو جج نٿي چاهي جيڪو هنن جي ڦرلٽ ۽ اسڪينڊلز جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو، مخالف ڌر کان ڪميٽي سربراهه جي منظوري وٺڻ ائين آهي ڄڻ چور کان سندس مرضي جو جج پڇڻ.هن چيو ته مخالف ڌر رڙيون پئي ڪري ڇو ته انهن جي ليڊرن جي مني لانڊرنگ ۽ قومي وسيلن جي چوري جون حقيقتون سامهون پيون اچن، مخالف ڌر روئندي رهي پر جاچ پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندي جڏهن ته اڳوڻين حڪومتن جي دورن ۾ ملڪ کي ٿيل ڳري نقصان جون حقيقتون سامهون آڻڻ ضروري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.